سجاول ۾ پاڻي جي چوري خلاف پيادل مارچ ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو

سجاول :- سجاول ۾ حڪمران جماعت پ پ جي چونڊيل نمائندن جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻي چوري خلاف پيادل مارچ ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو آهي. پ پ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻين ضلعي اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻي جي چوري خلاف پيادل مارچ ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو. وڏي انگ ۾ ماڻهن پ پ هائوس کان ڊي هائوس تائين پيادل مارچ ڪرڻ بعد آبپاشي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن دوران پاڻي چوري خلاف نعرا هنيا ويا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پاڻي لاءِ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو، اسان سندس پيروي ڪندي سجاول ضلعي جي ماڻهن کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪريون پيا ۽ پاڻي چوري ڪندڙن کي پيغام ڏيون ٿا ته عوام جي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين. اڳواڻن چيو ته آبپاشي عملدار ماڻهن کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، سجاول وارن کي چيو وڃي ٿو ته منڍ ۾ پاڻي بند آهي، هوڏانهن وري شاهه بندر ۽ جاتي جي ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته سجاول وارن پاڻي بند ڪري ڇڏيوآهي، اسان اهڙي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. سنڌ جي حڪمران جماعت جي اڳواڻن ئي دانهيو ته حقيقت اها آهي ته سجاول ضلعي جي ڪنهن به شاخ ۾ پورو پاڻي نٿو اچي. رشوت خور ۽ ڪميشن آفيسر پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري عوام کي ٻٽي عذاب ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي.