سجاول ۾ ناريءَ سان مبينا لڄالٽ جون خبرون، عدالت جو نوٽيس، اسپتال منتقل

سجاول :- سجاول ۾ گذريل ٻن سالن کان بس اسٽاپن تي پنندي دربدر ٿيندڙ اڌ چري نوجوان ڇوڪري جون خبرون سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد سول جج سجاول ۽ ايس پي نوٽيس ورتو ليڊي پوليس اهلڪارن سان گڏ سجاول پوليس کيس تحويل ۾ وٺي ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ اعلاج لاء سول اسپتال  سجاول ۾ داخل ڪرايو ميڊيڪل رپورٽون ملڻ بعد کيس سجاول جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو  هن سلسلي ۾ مليل معلومات مطابق گذريل ٻن سالن کان سجاول جي بس اسٽاپن ۽ بازارن ۾ پنندي نظر ايندڙ اڌ چري نوجوان ڇوڪري جنهنجو نالو ٻگهاڻ واسي نجمه ڪڙمون ٻڌايو پيو وڃي ان سان ڪيترن ئي نامعلوم ماڻھن پاران مبينه جنسي ڏاڍائي ٿيڻ جون خبرون سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد سول جج ۽ ايس پي سجاول نوٽيس وٺي کيس پوليس تحويل ۾ وٺي ڇوڪري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاء سول اسپتال ۾ داخل ڪرائي سندس مائٽن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي  وڌيڪ معلوم ٿيو آھي ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد کيس  عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.