سجاول جي بازارن ۾ ڀٽڪندڙ مستاني ناري جو نڪاح

سجاول :- سجاول جي بس اسٽاپن ۽ بازارن ۾3 مهينا اڳ خيرات پنندڙ ۽ دربدر ٿيندڙ ذھني معذور ڇوڪري نجمه ڪڙمون جي مفلسي ۽ دربدرائي واري زندگي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ ۽ سماجي ورڪرن پاران تحرڪ وٺڻ بعد سجاول جي عدالت ۽ ايس پي جي حڪم تي ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ اعلاج ٿيڻ بعد کيس سيف ھائوس سجاول ۾ رکي سار سنڀال ڪرڻ بعد سندس ئي مرضي مطابق ايس پي سهائي عزيز جي نگراني ۾ نجمه ڪڙمون جو سجاول جي نوجوان ممتاز ملاح سان شريعت مطابق نڪاح ڪرائي ايس پي جي ڪوششن سان جوڙي کي روٽري وليج ٺٽي ۾ رھڻ لاءِ ھڪ گهر مفت ڏنو ويو آھي. جڏهن ته جوڙي کي جي مالي مدد به ڪئي وئي. ڊي سجاول پاران سندن کاڌ خوراڪ لاءِ راشن بيگ ڏنا ويا.ياد رھي ته نجمه ڪڙمون ڪيٽي بندر واري علائقي جي رھواسڻ ھئي سندس ذھني توازن درست نه ھو جنهنڪري گهڻي ڪوششن باوجود گهر ۾ نه رھي ۽ اتان اچي گذريل ٻن سالن کان سجاول ۾ ڀٽڪندي رھي.