سترهين آڪٽوبر 1984ع ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحو مڪمل تاريخ ۽ پس منظر: ليکڪ:- ذوالفقار قادري

1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ سان ڪو سهمت هجي يا نہ هجي پر ان تحريڪ ۾ سنڌي ماڻھن جي تاريخي ڪروڌ ۽ ويڙھہ نہ صرف جنرل ضياء جون وايون بتال ڪيون پر عالمي سطح تي سنڌ جي هڪ نئين مزاحمتي روپ کي اجاگر ڪريو ٖ ايم آر ڊي تحريڪ جي خاتمي تي جنرل ضياء سنڌي ماڻھن کان پلئہ وٺڻ خاطر سنڌ جي ڪور ڪمانڊر ۽ زون ( سي ) جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽننٽ جنرل ايس ايم عباسي کي هٽائي ليفٽننٽ جنرل جهانداد خان کي ڪور ڪمانڊر ۽ سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ٖ ان بعد جلد ئي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هڪ سازش تحت شاگرد ڌرين درميان پاڻ ۾ خوني ويڙھہ شروع ڪرائي وئي ٖ 1983ع وارن ڏينهن ۾ شفيع محمد ڪرناڻي جساف جو مرڪزي صدر هو ٖ شفيع ڪرناڻي سهپ ٖ برداشت ۽ صبر ڪرڻ وارو ماڻھو هو پر اڳتي هليٖ 1984ع ۾ شفيع ڪرناڻي جي جا۽ تي جڏھن گل محمد جکراڻي جساف جو صدر بڻيو تہ گل محمد جکراڻي جي صدارت واري دور ۾ سموري سنڌ خاص طور سنڌ يونيورسٽي ٖ ايل ايم سي ڄامشورو ٖ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ٖ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ٖ لطيف يونيورسٽي خيرپور ٖ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاه ٖ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو شاگردن ڌرين درميان هٿياربند جهيڙن جا مرڪز بڻجي ويا ٖ ڪراچي ۾ 14 آگسٽ 1984ع تي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ( ايس ايم سي ) هاسٽل تي هڪ واقعو ٿيو حڪومتي بربريت خلاف جڏھن سنڌي شاگردن هاسٽل تي ڪارا جهنڊا لهرايا تہ ضياء حمايتي هڪ غير سنڌي شاگرد تنظيم وارن کي اها ڳالهہ نہ وڻي ۽ انهن هڪ منظم سازش ھيٺ سنڌي شاگردن تي حملو ڪيو جنهن ۾ ھڪ سنڌي شاگرد حنيف ميمڻ شھيد ٿي ويو مورڳو سنڌي شاگردن جو گهيراؤ ڪري برما جيسراڻي ٖ ويرسي مل ٖ اسلم پرويز ٖ بابر جمالي سميت اڍائي سؤ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو بعد ۾ سڀ ڇڏيا ويا باقي برما جيسراڻي ٖ ويرسي مل ٖ اسلم پرويز ٖ بابر جمالي ۽ ٻيا لانڍي جيل موڪليا ويا جيڪي طويل عرصو جيل رهيا 17 آڪٽوبر 1984ع ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي کان اڳ جساف ٖ سپاف ۽ بي ايس او درميان جهيڙن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ميراشتياق ٽالپر ۽ روپ چند نالي شاگرد مارجي چڪا هئا ٖ سپاف لاڙڪاڻي جي ضلعي صدر صفي الله جوکيو کي گوليون هڻي شديد زخمي ڪيو ويو سنڌ ۾ سپاف ۽ جساف درميان شديد ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي جساف ڪارڪنن سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ واسطي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ “ جشن لطيف “ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پروگرام ۾ شرڪت واسطي سنڌ يونيورسٽي ٖ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي ڄامشورو جا اٽڪل هڪ سؤ چاليهہ کان مٿي شاگرد بسن ۾ سوار ٿي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو اچي رهيا هئا تہ مانجهند ۽ کاڻوٺ درميان انڊس ها۽ وي تي ٽوڙھي ڦاٽڪ جي پٿريلي ۽ سنسان علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز بسن تي فائرنگ ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پنج نوجوان عبدالمالڪ خشڪ ٖ ذڪريا ميمڻ ٖ امان الله وسطڙو ٖ انور عباسي ۽ سنڌ يونيورسٽي سينٽرل ڪينٽين جو پورهيت مٺو بليدي شھيد ٿي ويا ڪئين زخمي ٿيا ۽ سو کان مٿي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو فوجي سرڪار سنڌ جي اطلاعات کاتي معرفت هڪ هينڊ آؤٽ جاري ڪيو تہ انتهائي مطلب ڏوهارين ۽ فورسز درميان مقابلي ۾ بعد پنج ڏوهاري مارجي ويا جڏھن مختلف ڏوهن ۾ گهربل گل محمد جکراڻي پنهنجي ٽولي سميت گرفتار ڪيو ويو آھي ٖ ان واقعي خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج ٿيو سنڌ ۾ ڪامياب ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي آخر سنڌ سرڪار سنڌ ھا۽ ڪورٽ جي جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي اڳواڻي ۾ هڪ عدالتي ٽريبونل جوڙيو ٽريبونل جون شروعاتي شنوايون حيدرآباد ۾ ٿيون بعد ۾ سماعت ڪراچي ۾ ٿيندي رهي جاچ بعد ٻين شاگردن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو باقي ستن شاگردن گل محمد جکراڻي ٖدودو مهيري ٖ ستار موريو ٖ عمر الدين زرداري ٖ سڪندر ميراڻي ٖ درياء خان اقبال تونيو ۽ نظير تونيو تي هٿيارن ٖ اغوا ٖ ڀڃ ڊاه سميت مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا گل محمد جکراڻي جسٽس عبدالرزاق ٿهيم ٽربيونل ۾ پنهنجو تاريخي بيان لکت ۾ جمع ڪرايو جيڪو بعد ۾ “ تاريخ اسان سان انصاف ڪندي” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن جي پيروي جي ڪيسن جي پيروي ڪندڙن ۾ ماما يوسف لغاري ايڊووڪيٽ ، حفيظ لاکو ايڊووڪيٽ ٖ حسين شاھہ راشدي ۽ نورالدين سرڪي شامل ھئا ٖ ڪجهہ سالن بعد ٽوڙي ڪيس جا سڀ اسير آزاد ڪيا ويا ٖ واقعي واري هنڌ بعد ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جو هڪ يادگار تعمير ڪيو ويو جيڪو هاڻي زبون حالت ۾ آھي
ڪجهہ ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن بابت
1 – گل محمد جکراڻي اڳتي هلي جيئي سنڌ کان علحدگي اختيار ڪري ممتاز علي ڀٽو جي سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت ڪئي بعد ۾ فرنٽ تان بہ استعفئ ڏئي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ پ پ جو ايم اين اي بڻيو ٖ
2 – ستار موريو اڳتي هلي جيئي سنڌ کان عليحدگي اختيار ڪري علي حيدر شاه سان گڏ مير مرتضئ ڀٽو جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي شھادت بعد پ پ ۾ شموليت ڪئي ۽ کيس ضلع لاڙڪاڻي جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو ٖ ستار موريو ڪجهه عرصو اڳ هي فاني جهان ڇڏي لاڏاڻو ڪري ويو ٖ
3 – ڊاڪٽر دودو مهيري آزادي بعد مختلف قوم پرست ڌڙن سان سلهاڙيل رهيو ڊاڪٽر قادر مگسي ٖ سيد جلال محمود شاهہ سان گڏ رهندڙ بعد 2018ع جي عام چونڊن دوران پ پ ۾ شامل ٿي ويو آھي
4 – عمر دين زرداري جيل مان آزادي بعد اڳتي هلي ڪجهہ عرصو رئيس آصف علي زرداري جو باڊي گارڊ رهيو آخر ۾ شديد بيمار رهيو ۽ ڪجهہ عرصو اڳ پنهنجي ڳوٺ ۾ گوشا نشيني واري زندگي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
5 – نظير تونيو اڃا فڪر سائين جي ايم سيد سان سلهاڙيل آھي پر سياست ۾ عملي طرح سرگرم ناهي هو قمبر شهري اتحاد جي سرگرم اڳواڻن سان گڏ سماجي ڪمن ۾ هٿ ونڊائي ٿو ٖ
6 – سڪندر ميراڻي آزادي بعد ڪجهہ عرصو سرگرم رهيو پر ھاڻ ايترو سرگرم ناهي
7 – اقبال عرف دريا خان تونيو آزادي بعد ڪافي عرصو سرگرم رهيو بعد ۾ بيماري سبب گوشا نشين ٿي ويو ۽ آخر لاڏاڻو ڪري خالق حقيقي سان وڃي مليو