ساهيوال سانحو ڪيس: عدالت ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو

لاهور:- دهشتگردي ٽوڙ عدالت ساهيوال سانحي ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. لاهور جي دهشتگردي جي خاص عدالت ۾ ساهيوال سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڪيس جي جوابدارن صفدر حسين، احسن خان، رمضان، سيف الله، حسنين ۽ ناصر نواز شريف پيش ٿيا، جوابدارن جي وڪيلن سرڪاري شاهدن جي بيانن تي جرح پوري ڪئي جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ساهيوال سانحي ۾ عدالت مقتول ذيشان جي ڀاءُ جي ڀاءُ احتشام سميت گڏيل طور تي 49 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا، مقتول خليل جي ٻارن عمير، منيبا ۽ ڀاءُ جليل سميت ٻين به پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا.