سانگهڙ ۾ ڏيتي ليتي واري معاملي تان نوجوان کي گهر اندر ڳلو ڪپي قتل

سانگهڙ :- سانگهڙ ۾ ڏيتي ليتي واري معاملي تان نوجوان کي گهر اندر ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي،شهر جي مين مندر واري گهٽي ءَ ۾ رٽائرد بئنڪ آفيس ڌرم داس جي نوجوان پٽ ٽيڪم داس کي گهر آيل مهمانن ڏيتي ليتي معاملي تان گهر جي باٿ روم اندر تيز ڇرين جا وار ڪري ڳلو ڪپي قتل ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان جو زخمي حالت ۾ آواز ٻڌڻ تي ماءُ ۽ ڀيڻ واقعي واري هنڌ پهچي کيس رتورت ڏسي دانهون ڪيون جنهن تي پاڙيوارا گڏ ٿي ويا. پٽ کي اهڙي حالت ۾ ڏسي ماءُ کي بيهوشي جادورا پئجي ويا،اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل هيٺ وٺي سول اسپتال کڻائي، جاچ شروع ڪري ڇڏي.