سانا پاران ڪراچي کي وفاق جي انتظام هيٺ ڏيڻ جو مطالبو رد، فروغ نسيم کي هٽائڻ جو مطالبو

آسٽن آمريڪا (سانا) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم پاران سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪري شهر جو ڪنٽرول وفاق حوالي ڪرڻ واري غيرقانوني ۽ چڙ ڏياريندڙ مطالبي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته تعصب پرست قانون واري وزير فروغ نسيم کي بنا دير عهدي تان هٽايو وڃي. سانا جي اطلاعات سيڪريٽري ذاڪر بلو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ صوبي جي عوام کي ورهائڻ وارين سازشن کان پاسو ڪيو وڃي، ڪراچي سنڌ جو روح ۽ دل آهي، جنهن تي حملي جي ڪنهن به ريت اجازت نه ڏني ويندي.  هن چيو ته پاڪستان جي سمورين سرگرم جماعتن کي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ اها ڳالهه نه وساري وڃي ته سنڌ ئي اهو صوبو آهي جنهن پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ پهرين قرارداد منظور ڪرائي هئي.سانا جي اطلاعات سيڪريٽري ذاڪر بلو جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت کي بيڊ گورننس کي بهانو بڻائي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ باهه سان کيڏڻ برابر آهي، وفاقي حڪومت ان عمل کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ڪمزور ٿي ويندو. سانا پاران وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن سنڌ دشمن ڌرين جي هٿن ۾ کيڏي ڪراچي کي صوبي کان ڌار ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جو عوام شديد مزاحمت ڪندو جنهن بعد حالتن جي ذميوار پي ٽي آءِ سرڪار هوندي.