سامارو لڳ پرائمري اسڪول عمارت کان محروم، ڳوٺ مان برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿيو

سامارو:- سامارو لڳ ڳوٺ سليمان خاصخيلي مڪمل طور تي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو برساتي پاڻي بيھجي وڃڻ سبب  فصل سڙي ختم ٿي ويو گھر به ڊھي پٽ پئجي ويا 1979 ۾ مليل اسڪول جنهن کي اڃان تائين بلڊنگ به نه ملي سگھي وڻ ھيٺ ويھي تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙا ھاڻي کلي آسمان ھيٺ ڪاڙھي ۾ ويھي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، ڳوٺ سليمان خاصخيلي واسين رمضان خاصخيلي رفيق خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته حاليا برساتن سبب اسان جو ڳوٺ مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي جنهن ڪري اسان جي ڳوٺ جي گھرن فصلن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنھن ڪري سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي پيا آهيون انهن چيو ته ھن وقت سياسي شخصيتن مان انسانيت ختم ٿي وئي آهي اسان کي برساتي پاڻي گھٽ پر مقامي سياسي زميندارن جي زمينن ٻوڙي نقصان ڏنو آهي اسان جو ڏوھ اھيو آهي ته اسان پ پ پ جا ووٽر نه آھيون جنهن ڪري 1979 ۾ مليل اسڪول جي بلڊنگ به سياسي بنياد تي ٻي پاسي شفٽ ڪئي وئي آهي ٻارن سياري انھاري توڙي برساتن ۾ وڻ ھيٺ کلي تعليم ڏيندا آيا آھيون تازو برسات سبب ڳوٺ ٻنيون ٻارا پاڻي جي لپيٽ آهن انڪري به شاگردن کي کلي اسمان ھيٺ ڪاڙھي ۾ تعليم ڏيڻ تي مجبور آھيون. ڳوٺاڻن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪندي چيو ته اسان کي راشن ٽينٽ ڪجھ نه کپي فقط پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي ته جيئن ايمرجنسي جي صورت توڙي  عام طور سولي  زندگي گزاري سگھون