سامارو لڳ ثقافت واري صوبائي وزير جي ڀاءُ جيءَ گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 نوجوان فوت

سامارو:- سامارو  لڳ صوبائي وزير جي ڀاء جي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر 2 ڄڻا فوت  سامارو  ڀرسان راهوآباد اسٽاپ تي صوبائي وزير ثقافت و آرڪيالاجي سيد سردار علي شاھ جي ننڍي ڀاء سيد سرتاج علي شاھ جي ويگو گاڏي جو تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نتيجي ۾ 28 سالا نوجوان غلام فريد انڙ موقعي تي ئي فوت، جڏهن ته معروف انڙ سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي تعلقا اسپتال سامارو آندو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ٻنھي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش وارث کڻائي گھر روانا، فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي وارثن ۽ واٽهڙون تعلقہ اسپتال سامارو پهچايو.