سامارو جي رهواسي جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل انيتا جو وارثن سان گڏ انصاف لاءِ احتجاج

سامارو شهر جي ڳوٺ پنهون کوسو جي رهواسي نانجي ڪولهي جي نياڻي انيتا کي ڳوٺ جي  بااثر عبدالقادر رند بچل، نيڪ محمد، سليمان ۽ ٻين اغوا ڪري کين جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي زبردستي اسلام قبول ڪرڻ جو صحيحون ورتيو ويون، جنهن تي نياڻي انيتا ڳالهائيندي چيو ته مون کي عبدالقادر سميت ٻين جوابدارن اغوا ڪري هٿيارن جي زور تي مونسان جنسي زيادتي ڪئي وئي مونکان زبردستي مسلمان ڪرڻ جا انگهوٽا هڻايا ويا،  

نياڻي انيتا جي والد ايس ايس عمرڪوٽ کي درخواست ڏني جنهن تي الزام هيٺ آيل ڌر عبدالقادر رند ۽ انيتا جي وارثن کي گهرائي ڌرين جا بيان قلمبند ڪرايا ويا.

زيادتي ٿيل خاندان جي وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار اسان کي مارڻ جو ڌمڪائي رهيا آهن اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .