سازشن، ٺڳين ۽ دوکن جي تاريخ جو نالو ”سنڌوءَ جا معاهدا“ آهن، سنڌ سان سدائين ويساهه گهاتيون ٿيون آهن: اياز پليجو

حيدرآباد :-  سنڌ لاهوتي ميلي ۾ سيشن کي مخاطب ٿيندي پيپلزپارٽي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته هزارين سالن کان سنڌو جي پنهنجي تهذيب رهي آهي رگ ويدن کان ويندي شاعري تائين سنڌو جو ذڪر ملي ٿو، قومن جون تهذيبون ۽ خوشحالي دريائن سان هوندو آهي پر افسوس سنڌو جو پاڻي روڪي دنيا جي پنجين نمبر ڊيلٽا جيڪو رامسار سائيٽ پڻ کي تباهي ڪناري پهچايو ويو آهي، پاڪستان ڪلائمينٽ تبديلين واري انڊيڪس ۾ پنجين نمبر تي آهي ان جو بنيادي سبب پاڻي کي فطري ڇوڙ کان روڪڻ آهي. هن چيو ته پاڻي وارو وفاقي وزير ڇهن مهينن کان اجلاس ۾ نہ پيو اچي پي ٽي آئي حڪومت چوي ٿي تہ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿئي پيو اسان سنڌ بئراج جو  ارسا ۾ ڪيس رکيو تہ اتي واپڊا چيئرمين اچي ڪونہ ۽ و زير صاحب جو ڏس پتو ناهي هن چيو پارليامينٽرين جي حيثيت ۾ اسان مختلف ڪميٽين ۾ ڪيس رکون ٿا پاڻي جو تہ بنيادي اشو آهي جنهن سان ٺٽي ۽ بدين سميت پوري ڊيلٽا کي تباهي ڪناري آندو ويو آهي ۽ سامونڊي جيوت ختم ٿي رهيو آهي اهو هڪ الميو آهي پاڻي جهڙي معاملي تي سنڌ مان چونڊيل حڪومتي اتحادي ميمبرن کي ڳالهائڻ گهرجي هن چيو تہ ارسا جو ڪردار هڪ طرفو آهي هاڻ پاڻي معاملي تي نئون معاهدو ٺهڻ گهرجي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجي چيو تہ سازشن، ٺڳين، دوکن جي تاريخ جو نالو سنڌو تي معاهدا آهن 1945 ۾ ٻن خود مختيار رياستن پنجاب ۽ سنڌ جو پاڻي معاهدو ٿيو پوء ورهاگي کانپوء پنجاب ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ اهو معاهدو وفاق ۽ انڊين سرڪار  جو ٿيو ۽ سنڌ تي فيصلو مسلط ڪيو ويو سنڌ کي ان معاهدي ۾ ڌر ٿيڻ کپندو هو پر ان کانپوءِ هر دور ۾ سنڌ سان ٺڳي ٿيندي رهي هن چيو تہ ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب خوڪشيون پيا ڪن ٿر ۾ معصوم ٻار بک وگهي پيا مرن ان جو سبب دريا کي بند ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ کي بدحالي طرف ڌڪيو ويو. پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس شاه چيو تہ دريائن انساني تهذيبن، ثقافت ۽ خوشحالي کي جنم ڏنو آهي پر هتي ڊيمن جي نالي تي درياء جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي سپريم ڪورٽ جي ڊيم بابت مهم جوئي دوران مون آواز اٿاريو تہ مونکي چيو ويو تہ اوهان پنهنجو ڪيس ٺاهيو جڏهن مون ڪيس ٺاهيو تہ مون کي بيڊ بڪ ۾ رکيو ويو پر اهو ڪيس اڄ بہ مون وٽ آهي مون مختلف آرٽيڪل لکيا جيڪي رڪارڊ جو حصو آهن سيشن دوران ناليواري قانوندان محمد رافع ۽ زرعي ماهر محمد نواز شاه پڻ خطاب ڪيو جڏهن تہ سيشن جو ماڊريٽر ممتاز بخاري هو..