سارنگ جويي کي 14آگسٽ تائين آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج لاءِ نئون پروگرام پڌرو ڪيو ويندو . سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ

حيدرآباد: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ ۽ سارنگ جويي جي گھر ڀاتين جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب جي آڏو سول سوسائٽي، ھيومن رائٽس ڪميشن، اديبن، سياسي، سماجي ۽ عورت تنظيمن جي ميمبرن پاران اختر ڪالوني ڪراچي مان سارنگ جويي جي کنڀجڻ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. ياد رھي ته گذريل رات ڏيڍ بجي اختر ڪالوني ڪراچي ۾ پوليس، رينجرس ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس ٽيھن کان وڌيڪ اهلڪارن ويگو ۽ پوليس موبائلن جي اٽالن سميت سارنگ جويي جي مسواڙي گھر تي چڙھائي ڪئي ۽ گھر جو دروازو ڀڃي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري، گھر ڀاتين ۽ ننڍڙن ٻارن تي سخت تشدد ڪيو ۽ گھرو سامان جي ڀڃ ڍاھ ڪري سنڌ سجاڳي فورم جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مشھور تعليمي اداري زيبسٽ جي ريسرچ ايسوسيئٽ سارنگ جويي کي سخت مارڪٽ کان پوءِ، ڪتابن، ڪمپيوٽر، موبائيل وغيره سميت جبري طور کنڀي کڻي ويا. سارنگ جويي جي گھرواري سھڻي جويو ۽ پاڙي وارين عورتن رات جو محمود آباد ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ايس ايڇ او ايف آئي آر داخل نه ڪئي. سارنگ جويي جي کنڀجڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي۾ حيدرآباد پريس ڪلب، ميران محمد شاهه روڊ تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ، سماجي، سياسي تنظيمن، اديبن ۽ سنڌ سڄاڳي فورم جي ميمبرن ٽين بجي کان پنجين بجي تائين سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ ۽ سارنگ جويي جي گھر ڀاتين جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب جي آڏو سول سوسائٽي، ھيومن رائٽس ڪميشن، اديبن، سياسي، سماجي ۽ عورت تنظيمن جي ميمبرن پاران اختر ڪالوني ڪراچي مان سارنگ جويي جي کنڀجڻ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. ياد رھي ته گذريل رات ڏيڍ بجي اختر ڪالوني ڪراچي ۾ پوليس، رينجرس ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس ٽيھن کان وڌيڪ اهلڪارن ويگو ۽ پوليس موبائلن جي اٽالن سميت سارنگ جويي جي مسواڙي گھر تي چڙھائي ڪئي ۽ گھر جو دروازو ڀڃي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري، گھر ڀاتين ۽ ننڍڙن ٻارن تي سخت تشدد ڪيو ۽ گھرو سامان جي ڀڃ ڍاھ ڪري سنڌ سجاڳي فورم جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مشھور تعليمي اداري زيبسٽ جي ريسرچ ايسوسيئٽ سارنگ جويي کي سخت مارڪٽ کان پوءِ، ڪتابن، ڪمپيوٽر، موبائيل وغيره سميت جبري طور کنڀي کڻي ويا. سارنگ جويي جي گھرواري سھڻي جويو ۽ پاڙي وارين عورتن رات جو محمود آباد ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ايس ايڇ او ايف آئي آر داخل نه ڪئي. سارنگ جويي جي کنڀجڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي۾ حيدرآباد پريس ڪلب، ميران محمد شاهه روڊ تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ، سماجي، سياسي تنظيمن، اديبن ۽ سنڌ سڄاڳي فورم جي ميمبرن ٽين بجي کان پنجين بجي تائين سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنھن ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو، حمزه علي چانڊيو، زين نياز ڪالاڻي، ايڊوڪيٽ سچل اعواڻ، ايڊوڪيٽ مير محمد مڱريو، اديب ساگر ڏھراج، جسقم اڳواڻ اسماعيل ناز نوتڪاڻي، پبلشر علي نواز گھانگھرو، ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد ڊويزن جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر امداد چانڊيو، پروفيسر يعقوب چانڊيو، سپلا اڳواڻ پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، عوامي ورڪرز پارٽي وومن ونگ جي ڪامريڊ عاليہ بخشل ٿلهو، آل اسٽوڊنٽ ڪميٽيءَ جو اڳواڻ علي عاجز لاشاري، يوٿ فرنٽ اڳواڻ زيب جتوئي، يوٿ اتحاد جو امجد رند، سارنگ جويي جي امڙ حليمان جويو، ڀيڻ مرڪ جويو، ڀاڄائي سائره، سوٽ پري ۽ مختيار جويو، خاڪي جويي جي گھرواري ڪوثر جويو ۽ سندس ڌيءَ ڌرتي جويو، ياسر جويو، عرفان جويو، ھوشو جويو، علي چانڊيو، ارجن باگڙي، شنڪر مالهي، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين سخت نعري بازيءَ ڪئي ۽ ڳالھائيندي چيو ته سارنگ جويي جي جبري گمشدگي ملڪي قانون، آئين ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. کيس ھڪدم ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ سڄيءَ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن انھن تي ڪو ڏوھ آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ھنن چيو ته سارنگ جويي کي ۱۴ آگسٽ تائين آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج لاءِ نئون پروگرام پڌرو ڪيو ويندو. احتجاج جي آخر ۾ شھدادڪوٽ مان پھتل سارنگ جويي جي والد تاج جويي اعلان ڪيو ته سارنگ جي جبري گمشدگي خلاف سڀاڻي سنڌ ھائيڪورٽ ۾ پوليس، رينجرس ۽ ٻين اھم ادارن جي آفيسرن خلاف پٽيشن داخل ڪئي ويندي. ھن انساني حقن جي تنظيمن ۽ سنڌ سرڪار کي مخاطب ٿيندي چيو ته ھن واقعي ۽ ٻين اھڙن واقعن جو سخت نوٽيس وٺي، قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.تاج جويي 13 آگسٽ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو رکيل احتجاج ۾ سنڌ دوستن کي وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنھن ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو، حمزه علي چانڊيو، زين نياز ڪالاڻي، ايڊوڪيٽ سچل اعواڻ، ايڊوڪيٽ مير محمد مڱريو، اديب ساگر ڏھراج، جسقم اڳواڻ اسماعيل ناز نوتڪاڻي، پبلشر علي نواز گھانگھرو، ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد ڊويزن جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر امداد چانڊيو، پروفيسر يعقوب چانڊيو، سپلا اڳواڻ پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، عوامي ورڪرز پارٽي وومن ونگ جي ڪامريڊ عاليہ بخشل ٿلهو، آل اسٽوڊنٽ ڪميٽيءَ جو اڳواڻ علي عاجز لاشاري، يوٿ فرنٽ اڳواڻ زيب جتوئي، يوٿ اتحاد جو امجد رند، سارنگ جويي جي امڙ حليمان جويو، ڀيڻ مرڪ جويو، ڀاڄائي سائره، سوٽ پري ۽ مختيار جويو، خاڪي جويي جي گھرواري ڪوثر جويو ۽ سندس ڌيءَ ڌرتي جويو، ياسر جويو، عرفان جويو، ھوشو جويو، علي چانڊيو، ارجن باگڙي، شنڪر مالهي، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين سخت نعري بازيءَ ڪئي ۽ ڳالھائيندي چيو ته سارنگ جويي جي جبري گمشدگي ملڪي قانون، آئين ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. کيس ھڪدم ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ سڄيءَ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن انھن تي ڪو ڏوھ آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ھنن چيو ته سارنگ جويي کي ۱۴ آگسٽ تائين آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج لاءِ نئون پروگرام پڌرو ڪيو ويندو. احتجاج جي آخر ۾ شھدادڪوٽ مان پھتل سارنگ جويي جي والد تاج جويي اعلان ڪيو ته سارنگ جي جبري گمشدگي خلاف سڀاڻي سنڌ ھائيڪورٽ ۾ پوليس، رينجرس ۽ ٻين اھم ادارن جي آفيسرن خلاف پٽيشن داخل ڪئي ويندي. ھن انساني حقن جي تنظيمن ۽ سنڌ سرڪار کي مخاطب ٿيندي چيو ته ھن واقعي ۽ ٻين اھڙن واقعن جو سخت نوٽيس وٺي، قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.تاج جويي 13 آگسٽ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو رکيل احتجاج ۾ سنڌ دوستن کي وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي.