.سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم جدوجهد ڪندڙ ڪردار آهي جنھن سنڌ جي قومي سياست ۾ ھڪ نئون روح ڦونڪيو. سنڌ فرينڊز فورم پاران سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرھ جي تقريب ملهائي وئي

دبئي : سنڌ جي عظيم سياسي رهبر سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرھ جي تقريب دبئي ۾ ٿي گذري. گڏيل عرب امارات ۾ رھندڙ سنڌي ڪميونٽي جي سنڌدوست ساٿين پاران گڏجي جديد سنڌي قومپرستي جي باني ۽ عظيم سياسي رهبر سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. پروگرام جي شروعات صابر سنڌي پاران قومي وائي پڙهي ۽ سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽي ڪئي وئي. سالگرہ جي پروگرام جي ڪاروائي فھد ابڙو پاران هلائي وئي، جڏھن تہ ھن تقريب کي سائين جي ايم سيد جي ترقي پسند، سيڪيولر ۽ آزادي پسند سياسي سوچ سميت سندس گھڻ پھلوئي ڪردار کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي سنڌ فرينڊز فورم جي ڪنوينر بشير آريسر، سھيل ابڙو، پدم وير، ٻيجل سنڌي ،يو اي اي جي سماجي شخصيتن چاچا الله نواز ميمڻ، جاويد ڪوريجو، عباس ڪوريجو، سعيد ڪٽپر، سنڌ دوست سٿ جي ڊاڪٽر شبير سڌايو، فهد نظاماڻي ۽ ٻين چيو تہ سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم جدوجهد ڪندڙ ڪردار آهي جنھن سنڌ جي قومي سياست ۾ ھڪ نئون روح ڦونڪيو. مقررن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ سائين جي ايم سيد هڪ اداري مثل هيا ۽ سائين جو جنم نئين سنڌ جو جنم هيو. جڏھن سنڌي قوم ۽ سندن وطن جو تصور جيڪو ڌنڌلو ٿي چڪو هيو ۽ ماڻھون ذاتين، قبيلن، مذھب ۽ فرقن ۾ ورھائجي پنھنجي قومي تشخص تان دستبردار ٿي رھيا ھيا تہ ان وقت سائين جي ايم سيد پنھنجون خانداني ملڪيتون ۽ مذھبي گاديون ڇڏي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي لاءِ مسيحا بڻجي اڳيان آيو ۽ پنھنجي لازوال علمي ۽ عملي پورھيي سان سنڌ جي قومي مرتبي کي چٽو ڪري عام عوام تائين پھچايو ۽ سندن ھڪ قوم ھجڻ جو احساس اجاڳر ڪيو. تقريب ۾ قومي ساٿي نثار عباسي، شايان لغاري ۽ مظهر حنيف قومي نظم جھونگاري سائين جي ايم سيد کي خوبصورت شاعري سان ڀيٽا پڻ پيش ڪئي. سالگرھ تقريب ۾ يو اي اي جي مختلف رياستن مان ڪھي ايندڙ جبار جمالي، چتر وير، سراج شيخ، خالد زمان چولياڻي، رياض جتوئي، ذوالفقار چانڊيو، احسان علي، صدرالدين وسطڙو، جبار مري، ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ دوست ساٿين شرڪت ڪئي. سنڌ ٽي وي جي نمائندي سارنگ سنڌي پاران پروگرام ۾ شرڪت ڪري پروگرام کي ڪوريج ڏني.