سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀرينداسين:صنعان قريشي

ڪراچي:- جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر ،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون ،ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو جسقم جي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب 25 اپريل تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي جو جلسو نٿا ڪري سگهون، جنهن سبب جسقم ڪارڪن شهيد بشير خان قريشي جي ورسي جيان پنهنجي گهرن ۾ رهبر کي ڀيٽا پيش ڪن ۽ انفرادي طور تي الڳ الڳ صورت ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري سلامي پيش ڪندا، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي قيادت ۾ مرڪزي قيادت گڏيل طور حاضري ڀريندي، جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ ڪراچي ۾ قتل ٿيل سنڌي نوجوان جاويد ڀٽي جي قتل تي چيو ويو آهي ته واقعي جي پهرين ڏينهن کان وٺي جسقم ضلع قيادت اصغر بروهي جي اڳواڻي ۾ قتل ٿيل نوجوان شهيد جاويد ڀٽي جي بيگناھ قتل خلاف متحرڪ آهي، جنهن جي سلسلي ۾ هنن وڌيڪ چيو ته قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن سخت سزا ڏني وڃي،جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ 24 اپريل تي سن ۾ رٿيل جساف مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي.