سائين جي ايم سيد جي شخصيت يا حيدر منزل سان جن جو جذباتي لڳاءُ آهي،انهن جي جذبن جو احساس ڪريان ٿو : جلال محمود شاه

ڄامشورو :- سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ايس يو پي جي مرڪزي عهديدارن ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن پير خليل جان سرهندي، روشن علي ٻرڙو، اعجاز علي سامٽيو، ادريس چانڊيو، مختيار ميمڻ، درياهه خان لغاري، مير مولا بخش لغاري، حافظ بخشل سهيڙو، خدا بخش جويو سميت ٻين ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ملڪ توڙي سنڌ جي هاڻوڪي صورتحال، ڌارين جي آبادڪاري، وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ موجود افغانين کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت نيڪالي نه ڏيڻ ۽ پ پ پاران افغانين جي سنڌ ۾ موجود هجڻ واري حمايت تي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي وئي.اجلاس ۾ ايس يو پي ٺل جي اڳواڻ قائم الدين سرڪي جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايس يو پي جي ٻن ڏينهن واري مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس 27 جولاءِ کان سن ۾ ڪوٺائڻ، پارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 21 جولاءِ تي سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪوٺائڻ، قومپرست اڳواڻ ۽ ليکڪ علي حسن چانڊيو جي ڇهين ورسي 24 جولاءِ تي ڪراچيءُ ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ مختلف ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون. اجلاس کانپوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪرپشن خلاف وفاقي حڪومت احتساب جي عمل ۾ نواز شريف ۽ زرداري کي لپيٽ ۾ آندو آهي باقي سنڌ اندر ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جنهن مان هڪ ڀيرو سنڌ اندر ڪو اين آر او ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت ۾ شامل وزيرن ۽ ميمبرن خلاف سنڌ مان اربين رپين جي ڪرپشن ذريعي لٽ مار ڪرڻ جا ثبوت به مليا آهن، ريفرنس به داخل ٿيل آهن پر انهن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي هجڻ باوجود سنڌ ۾ خاص ڪري لاڙ سنڌ بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي، جنهنڪري فصل تباهه ٿي رهيا آهن، جنهن مان حڪمرانن جي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن نمايان نظر اچي رهي آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه اعلان ڪيو ته پارٽي جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ ڀرپور نموني سان سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي ويندي.پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب ڏيندي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته حيدر منزل خاندان جي گڏيل ملڪيت هئي، ان ڪري جن جا حصا هئا انهن ان کي وڪرو ڪيو آهي، جڏهن ته منهنجي حصي واري ملڪيت اڃا تائين مون وٽ آهي ۽ حيدر منزل واري جاءِ تي ٺهندڙ عمارت جو نالو حيدر اسڪوائر هوندو ۽ اتي پارٽي جي مرڪزي آفيس هوندي ۽ ساڳيون ئي سرگرميون جاري رهنديون ۽ اسان ڪراچي کي سنڌين جو مورچو مهيا ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اها واحد پارٽي آهي جيڪا ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سرگرم عمل آهي.سيد جلال محمود شاهه چيو ته حيدر منزل جو جواز ڄاڻائي ڪجهه ماڻهو پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ اجائي تنقيد ڪري رهيا آهن، پر انهن کي آئون جواب ڏيڻ پسند نٿو ڪريان ۽ سنڌي ماڻهن مان جي ايم سيد کانپوءِ جيڪي مون مان اميدون آهن آئون انهن کي ڪنهن به صورت ۾ مايوس ٿيڻ نه ڏيندس.هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي شخصيت يا حيدر منزل سان جن جو جذباتي لڳاءُ آهي، آئون انهن ماڻهن جي جذبن جو احساس ڪريان ٿو ۽ اسان پاڻ ان معاملي تي دلي طور تي ڏکارا آهيون.