سائين جي ايم سيد جي رهائشگاهه ۽ سنڌ جي سياست جو مورچو “حيدر منزل”

پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ سينيئر قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي رهائشگاهه “حيدر منزل” کي ڊاهيو پيو وڃي. سائين جي خاندان اها عمارت هڪ بلڊر کي وڪڻي ڇڏي هئي. حيدر منزل کي ڊاهي هاڻ هتي هڪ گهڻ ماڙ عمارت جي اڏاوت ڪئي ويندي.حيدر منزل سولجر بازار ۾ نشتر پارڪ جي ويجهو مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ واقع آهي. هتان کان اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي مزار آهي. حيدر منزل کي ڪيرائڻ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان پلاٽ جي ٻاهران ٺهندڙ “حيدر منزل اپارٽمينٽ” جو بورڊ لڳايو ويو آهي.ڪراچي جي تاريخ تي ٻڌل ڪتاب “ڪراچي سنڌ جي مارئي” جي ليکڪ گل حسن ڪلمتي جو چوڻ آهي ته مسلم هائوسنگ سوسائٽي سن 1932ع ۾ سيٺ طيب علي قائم ڪئي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي سياستدانن پنهنجا بنگلا تعمير ڪرايا. هتي سائين جي ايم سيد کانسواءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي والد شاهنواز ڀٽو ۽ ايوب کهڙو جي رهائشگاهون به هيون، انهن پوءِ وڪڻي ڇڏيون.ياد رهي ته سائين جي ايم سيد قومي سياست کان اڳ 1928ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ پوءِ صدر به رهيو ۽ هن ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي. پاڪستان جي قيام کان اڳ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ ۾ شموليت کان پهرين خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جو اتحادي به رهيو، سائين سنڌ جي سطح تي پارٽي تنظيمون به جوڙيون.ناليواري قومپرست اديب ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳوڻي اڳواڻ تاج جوئي جو چوڻ آهي ته حيدر منزل سنڌ جي خومختياري جو مورچو رهي آهي جڏهن برطانوي دور ۾ سنڌ کي بمبئي حوالي ڪيو ويو هو ان خلاف تحريڪ هلي ته ان جو مرڪز حيدر منزل هئي.سائين جي ايم سيد جڏهن 1943ع ۾ سنڌ قانون ساز اسيمبلي ۾ پاڪستان جي قيام جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي ته ان وقت سندس رهائش حيدر منزل ۾ ئي هئي، سمورا صلاح مشورا ۽ حڪمت عمليون هتي ئي طئي ڪيون ويون هيون.تاج جويو ٻڌايو ته محمد علي جناح ۽ جي ايم سيد وچ ۾ 1945ع ۾ مسلم ليگ سنڌ جي چونڊن جي دوران اختلاف ٿيا ته ان وقت به مسلم ليگ جي سياست جو مرڪز اها حيدر منزل ئي هئي.  حيدر منزل محمد علي جناح ۽ مسلم ليگ اڳواڻن کانسواءِ مولانا ابوالڪلام آزاد، شيخ مجيب الرحمان، مير غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري، عطا الله مينگل، خان غفار خان، ولي خان ۽ عبدالصمد اچڪزئي سميت ڪيترن ئي اهم اڳواڻن جي ميزباني بڻي.جسم جي سربراهه خالق جوڻيجو جو چوڻ آهي ته برصغير ۾ اهڙيون ٽي جايون آهن جتي رهائشي عمارتون سياسي تحريڪن جون مرڪز بڻيون. انهن ۾ نهرو خاندان جو آنند ڀوَن، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان جو ڌان منڊي وارو گهر ۽ ٽئين پاڪستان ۾ حيدر منزل آهي. اها عمارت تاريخ جي گواهه ئي ناهي بلڪه شريڪ ڪار به آهي پر بدقسمتي سان ان کي رڳو سرئي ۽ لوهه جي عمارت سمجهي ڊاٿو ويو آهي. محمد علي جناح سان اختلافن کانپوءِ جي ايم سيد مسلم ليگ کان پري ٿيو ۽ 1970ع جي چونڊن ۾ هن جسمم نالي تنظيم جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو ورتو، پوءِ کيس شڪست ٿي ته ڪيترائي ساٿي هن جو ساٿ ڇڏي ويا. حيدر منزل ۾ هڪ حصو رهائشي هو جتي سائين جي ايم سيد جو ڪٽنب رهائش پذير هو جڏهن ته ٻيو حصو سياسي سرگرمين لاءِ مخصوص هو.

عبدالخالق جوڻيجي جو چوڻ هو ته حيدر منزل ۾ ڪوبه چوڪيدار نه هوندو هو، ڪوبه ڪنهن کان اهو سوال نه ڪندو هو ته توهان هتي ڇو آيا آهيو، ڪارڪن سڌا جي ايم سيد جي بيڊروم تائين هليا ويندا هئا. جيڪي ٻين شهرن کان ڪارڪن هتي ايندا هئا ته انهن کي رهائش ۽ چانهه ماني وغيره ملندي هئي. حيدر منزل ڪارڪنن لاءِ گهر هو، جتي سياسي بحث مباحثا ٿيندا هئا. سائين سان جيڪي شخصيتون ملڻ اينديون هيون انهن کي ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو، اهڙي ريت اها عمارت هڪ سياسي تربيتي مرڪز به هئي. سائين جي ايم سيد جي ٻه پٽ آهن، امير حيدر شاهه ۽ امداد محمد، حيدر منزل ڪٽنب جي گڏيل ملڪيت آهي.تاج جويو جو چوڻ آهي ته حيدر منزل ڊاهڻ سان سندن دليون زخمي ٿيون آهن، جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ اهو ٻيو وڏو صدمو آهي. سيد خاندان کي حيدر منزل کي قومي ورثو قرار ڏئي ان کي سائين جي ايم سيد ميوزيم ٺاهڻ گهرجي ها، جتي دستاويز ۽ ان جا ڪتاب رکيا وڃن ها، پر بدقسمتي سان سيد خاندان جي ڀاتي جلال محمود شاهه کي الائي ڪهڙن ماڻهن صلاح ڏني جو ان کي وڪڻي ڇڏيو.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه ۽ سائين جي ايم سيد جي پوٽي جلال محمود شاهه جو چوڻ آهي ته حيدر منزل اسان جي ذاتي ملڪيت آهي جيستائين ضرورت هئي ان کي پاڻ وٽ رکي ۽ جڏهن ضرورت پئي ته وڪڻي ڇڏي. هتي جيڪو اپارٽمينٽ ٺهندو ان ۾ پنهنجي آفيس قائم ڪنداسين، جتي سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل شيون به موجود هونديون.سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ آهي ته 1995ع ۾ جي ايم سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ حيدر منزل تي ڪا به سياسي سرگرمي نه ٿيندي هئي، هنن جڏهن 2006ع ۾ ايس يو پي ٺاهي ته ان کانپوءِ 2007ع ۾ هتي ان جي آفيس قائم ڪئي، جنهن کانپوءِ هتي سياسي رونق واپس آئي.هتي بجلي، پاڻي جو مسئلو هو، ڀرپاسي ۾ وڏيون عمارتون ٺهي چڪيون هيون، اسان جي لاءِ رهڻ ڏکيو ٿي چڪو هو. اهو ته نٿو ٿي سگهي ته مسواڙ واري گهر ۾ رهون. اسين نه پيپلزپارٽي ۾ آهيون نه ئي نواز ليگ ۽ نه ئي چوري چڪاري ڪرڻ ڄاڻيون ٿا. ان عمارت کي وڪڻي پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪيو آهي.

اهو پهريون موقعو نه آهي ته سنڌ ۾ سياسي تحريڪ جي اهم شخصيت سان لاڳاپيل عمارت کي وڪرو ڪيو ويو، ان کان اڳ حيدرآباد ۾ هاري حقدار تحريڪ جي باني ۽ هاري ڪميٽي جي سربراهه حيدربخش جتوئي جي يادن سان واڳيل عمارت کي به هن جي ڪٽنب وڪڻي ڇڏيو هو.

 ليکڪ : رياض سهيل