سائين جو “پيغام سنڌ” سموري عالم لاءِ آهي: سهيل ميمڻ

اڄوڪي ڪاوش 25 اپريل 2020 ۾ سائين جي ايم سيد جي 25 ويهين ورسي جي مناسبت سان منهنجو ڪالم .
سائين جو “پيغام سنڌ” سموري عالم لاءِ آهي
سهيل ميمڻ
فجر جو 3 لڳي 50 منٽن تي حيدر منزل جي چورس ڪمري ۾ اوچتو فون جي گهنٽيءَ رات جي سناٽي کي ٽوڙي ڇڏيو. مون عادت موجب پهرين گهنٽيءَ تي فون کنئي، ٻئي طرف کان نورالدين جمالي هو جيڪو جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۾ سائين جي ايم سيد وٽ موجود هو. منهنجو آواز ٻڌندي ئي چيائين جلدي اچو، سائين جو بلڊ پريشر تمام تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي، جلدي اچو. ٿوري دير اڳ ئي اسان جناح اسپتال مان موٽيا هئاسين، هن فون کان پوءِ 4 لڳي 10 منٽن تي مان ۽ سائين ضياءَ شاهه جناح اسپتال پهتاسين. مان ڊوڙيندو مٿي آءِ سي يو وارڊ پهتس ڏاڪڻ تي ئي جيئي سنڌ تحريڪ حيدر آباد جي ڪارڪن ٻڌايو ته، سائين جي ايم سيد گذاري ويو. سنڌ جي سائين جو هن فاني دنيا مان 25 اپريل 1995ع تي فجر مهل لاڏاڻو ٿيو. اڄ سندس پنجويهين ورسي آهي. سن جتي سائين جي ورسي تي هر سال سڄي سنڌ مان سندس پوئلڳ جمع ٿي سندس سنڌ لاءِ پوري صديءَ جي جدوجهد تي کيس عقيدت جو خراج پيش ڪندا آهن، اتي ڪورونا معاملي سبب ميڙ ته نه ٿيندا، پر پوءِ به سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ جتي به، جنهن به سنڌيءَ جي دل ۾ سنڌيت جو ڇهاءُ محسوس ٿيندو، اتي سائين جي ايم سيد ضرور ياد ڪيو ويندو.
سائين جي ايم سيد جي سنڌ لاِءِ ڪيل جدوجهد جيڪڏھن رڳو سياسي هجي ها ته ان سان کڻي ڪو اختلاف ڪري پئي سگهيو، پر سنڌ جي ثقافتي مورچي کي جيئن سائين سنڀاليو، ان کان ڪير انڪار ڪري سگهندو، جو جڏهن سنڌ جي دشمنن سنڌي ثقافت کي جاهلن جي ثقافت چيو ته، سيد سنڌي ڪلچر لکي نه صرف انهن جا وات بند ڪيا، پر هميشه جي لاءِ سنڌ جي ثقافت جو هڪ مضبوط ڪيس لکت ۾ ڏئي ويو. ڀلا سائين جي علمي حيثيت جو انڪار ڪنهن کي ٿي سگهي ٿو. ايترو علم جو دنيا جي مختلف موضوعن تي سٺ کان مٿي ڪتاب لکيائين پوءِ به ڪڏهن سندس زبان مان ڪنهن نه ٻڌو ته مان تمام گهڻو پڙهيل آهيان. هڪ ڀيري مان سن ۾ سائين جي لائبريريءَ جي صفائي کي لڳي ويس، نوڪر چاڪر اُگهه سُگهه ته روز ڪندا هيا، پر مون هڪ هڪ ڪٻٽ مان هڪ هڪ ڪتاب ڪڍي لاگ بڪ رجسٽر سان ڀيٽ ڪئي ۽ انهن کي صاف ڪيو ۽ لاگ بڪ آڌار آرگنائيز ڪيو. هزارين ڪتابن جي صفائي ۽ وري آرگنائيز ڪرڻ ۾ مون کي هفتي کان مٿي وقت لڳي ويو. لائبريري مان تقريبا 250 جي لڳ ڀڳ ڪتاب به گم هئا. (مون سائين کي گم ٿيل ڪتابن جي لسٽ ٺاهي ڏني، پر لائبريري جي صفائيءَ دوران هڪ ڳالهه مون کي حيران ڪري ڇڏيو. هڪ هڪ ڪتاب کي صاف ڪرڻ دوران خبر پئي ته سائين جي ايم سيد نه صرف اهي هزارين ڪتاب پڙهيا هئا، بلڪه هر هڪ ڪتاب تي مک صفحن تي حاشين ۾ سندس نوٽ به لڳل هئا ۽ پنهنجو تبصرو به لکيو هيائين. ڪيئي ڪتاب سمجهڻ لاءِ بار بار پڙهيل هئا ۽ پوءِ به سائين هڪ ڀيري مون کي ڪچهري ۾ چيو، ”جيئن وڌيڪ پڙهان پيو، سمجهه ۾ اچي پيو ته، هڪ سُرڪي به ڀري ناهيان سگهيو.“ علم سمنڊ آهي اها ڳالهه صرف سيد جهڙا ئي ڪري سگهن ٿا، جن کي علم جي ڄاڻ هجي.
سنڌ جي روايتن کي جيئن سائين جي ايم سيد امانت سمجهي سنڀاليو، ان کان ڪير انڪار ڪري سگهندو. ادب احترام، تهذيب تمدن، راڳ، ويچار، لهه لحاظ، ڪپڙو لٽو، ٻولي، ريتون رسمون، ڪهڙو پاسو آهي، جيڪو سنڌ جو سائين جي ايم سيد نه صرف عملي طرح سنڀاليو، پر ان تي ڪتاب لکي ان کي هميشه جي لاءِ محفوط به ڪري ويو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ سخت پرديدار سيد خاندان جي ڇوڪريءَ کي سخت مخالفتون برداشت ڪري جيڪڏهن اڳ ۾ ڪاليج، پوءِ يونيورسٽي ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ انگلينڊ ڪو موڪلي سگهي ٿو ته اهو سائين جي ايم سيد جي ئي همت ۽ روشن خيالي آهي، جنهن پنهنجي ڌيءَ جيجي درشهوار کي پرڏيهه مان شاهه لطيف جي شاعري تي پي ايڇ ڊي ڪرائي. سائين جي ايم سيد هڪ بهادر شخص هو، مايوس ڪڏهن به نه ٿيو. ٽيهه سال جيل به کيس نه ٽوڙي سگهي. ايستائين جو هڪ ڀيري سن ۾ جيئي سنڌ جي پوري قيادت سڄي سنڌ جو ٻن مهينن جو تفصيلي دورو ڪري، ٿڪجي سن پهتا ۽ سائين کي ٻڌايائون ته، سائين سواءِ قومي ڪارڪنن جي قوم جي اڪثريت کي سنڌ جي تباهيءَ جي پرواهه هي ناهي. سائين پوري ڳالهه ٻڌي سڀني جا چهرا ڏٺا ۽ پوءِ سائين سن جي صوفي راڳي (مون کان نالو وسري ويو آهي) گهرايو، سڄي رات راڳ هليو، سائين به ويٺو رهيو. سڀني کان مايوسي ۽ ڏک وسري ويو. صبح جو موڪلاڻي مهل سڀني کي سائين ءَ چيو ته ”هاڻي وري پنهنجي ڪم سان نڪري پئو، مايوس ناهي ٿيڻو.“
سائين جي ايم سيد 92 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، ٻارنهن سالن جي عمر ۾ عملي طور سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ هٿ وجهڻ شروع ڪيو، معنيٰ تقريبا هو 80 سال مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، جنهن ۾ ٽيهه سال جيل ۾ به رهيو، جيڪو رڳو سندس ڪراچي توڙي سن وارو گهر سب جيل نه هوندو هو، پر سائين هڪ ڀيري مون کي ٻڌايو ته، سنڌ جي هر جيل جي چپي چپي تي رهيو آهيان، پر انهن اسي سالن جي مسلسل گهڻ طرفي جدوجهد ۾ رڳو هڪ ڳالهه سائين جي دائمي ۽ مسلسل رهي، سا هئي ”سنڌ“. سائين جي سياست، سماجي خدمت، علم، عمل، روايتون، مسلم ليگ، ڪانگريس، خلافت تحريڪ، قومي اتحاد، دوستيون، دشمنيون، عشق، محبت هر شئي جو محور صرف سنڌ رهي. جنهن لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيائون. ان جو نتيجو ”پيغام سنڌ“ جي صورت ۾ ڏئي ويا. اهو پيغام سنڌ جنهن کي نه ڪو مذهبي چولو پاتل، نه ڪا لهر ٿي لوڏي سگهي، نه ڪا نام نهاد سياسي لوڀ يا لالچ. دنيا ۾ اڄ جتي به ڪو سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو، سنڌيت جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي سائين جي ايم سيد جي ڳالهه ضرور ڪري ٿو. سائين جي ايم سيد جو ”پيغام سنڌ“ نه صرف سنڌ لاءِ، پر هن پوري خطي لاءِ امن جو پيغام آهي. اهو ئي دائمي حل آهي امن سان رهڻ ۽ انساني ترقي لاءِ اڳتي وڌڻ جو.

memonsuhail@hotmail.com