زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي شاگردن جو صبح کان بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو

ٽنڊو ڄام :- زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي شاگردن جو صبح کان بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو، بجلي بند هئڻ خلاف شاگردن مک گيٽ آڏو حيدرآباد- ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب مختلف شهرن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، رينجرز جي پهچڻ بعد شاگرد ڇڙ وڇڙ ٿي ويا، ڪجهه دير بعد شاگرد ٻيهر ڌرڻو هنيو. شاگردن جي سخت احتجاج بعد حيسڪو يونيورسٽي جي بجلي بحال ڪري ڇڏي، جنهن بعد شاگردن احتجاج ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو ۽ ٽريفڪ به بحال ٿي وئي، هوڏانهن ٽنڊو ڄام جي پراڻي ڪالوني ۾ چئن ڏينهن کان بند ڪيل بجلي ڪجهه دير لاءِ بحال ڪرڻ بعد ٻيهر بند ڪرڻ خلاف رهواسين به احتجاج ڪيو، سندن چوڻ آهي ته ڪالوني جي بجلي 4 ڏينهن تائين بند ڪئي ويندي، اڄ بجلي بحال ته ٿي پر ٽن ڪلاڪن بعد ٻيهر بند ڪئي وئي، جنهن سبب هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. رهواسين چتاءُ ڏنو ته بجلي جي لاڳيتي بحالي جلد يقيني نه بڻائي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.