زرعي يونيورسٽي جي شاگردن پاران فين جي وصولي خلاف احتجاجي ريلي

ٽنڊوڄام :- زرعي يونيورسٽي جي شاگردن پاران فين جي وصولي خلاف احتجاجي ريلي. وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان ڌرڻو. انتظاميا پاران شاگردن کي مسئلو حل ڪرڻ جو آسرو.خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن يونيورسٽي انتظاميا جي فيس وصولي جي فيصلي خلاف يونيورسٽي جي ڪراپ پراڊڪشن فئڪلٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي، وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو هڻي، سخت نعريبازي ڪئي. انهي موقعي تي ڪاشف سمون، صدف گهمرو، ماجد تنيو، ساحل گبول، آصف نور ڪرناڻي ۽ ٻين شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا سبب زرعي يونيورسٽي مسلسل بند آهي، يونيورسٽي انتظاميا فيون اوڳاڙي رهي آهي. جن ۾ ٽرانسپورٽ في، هاسٽل في، جئمخانا في، لائبريري في ۽ ٻيون فيون شامل آهن. جڏهن ته ڪورونا جي وبا سبب اهي سهوليتون مهيا ئي نه پيون ڪيون وڃن. هنن چيو ته اڳ ۾ ئي آن لائين ڪلاسن دوران ڊوائيسز جي خريداري ۽ انٽرنيٽ پيڪيجز ڪرائڻ سبب شاگردن جو خرچ وڌي ويو آهي، مٿان وري يونيورسٽي انتظاميا فين جي مد ۾ شاگردن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏيئي غريب شاگردن سان ناانصافي ڪري رهي آهي. هنن اعلي’ اختيارين کان فوري طور نوٽيس وٺي شاگردن جون فيون معاف ڪرڻ جي گهر ڪئي.بعد ۾ زرعي يونيورسٽي انتظاميه پاران هاسٽل پرووسٽ رياض احمد ٻرڙو ۽ ڊائريڪٽر ڪيمپس اشرف رستماڻي احتجاجي شاگردن وٽ پهچي ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ کين ٻڌايو ته سنڌ سرڪار کي شاگردن جي ڊيٽا موڪلي ويئي آهي. سنڌ سرڪار پاران رليف ڏيڻ جي صورت ۾ شاگردن کي فين ۾ رعايت ڏني ويندي. جڏهن ته في جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ پڻ 10 آگسٽ تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. هنن کين خاطري ڪرائي ته مقامي شاگردن جي ٽرانسپورٽ في پڻ ريفنڊ ڪئي ويندي. جنهن بعد شاگردن 5 آگسٽ تائين مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.