زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي استعمال سان جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي: يو اين

حيدرآباد :-  يو اين جي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن جي قدرتي وسيلن جي آفيسر جنڪو نڪائي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي حوالي سان تمام گهڻا مسئلا آهن جن ۾ پاڻي سان لاڳاپيل ادارن ۾ هڪٻئي سان سهڪار جي گهٽتائي، ڊرينيج، اسپتالن جي گند جو صاف پاڻي ۾ ڇوڙ، زرعي داوئن ۽ ڀاڻ جو بيجا ۽ اضافي استعمال شامل آهن، اهڙو اظهار هن سيڊا سيڪريٽريٽ ۾ پاڻي جي انتظام ڪاري جو سماجي ۽ معاشي مسئلن تي اعليٰ سطحي صلاحڪاري ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊرينيج ۽ زرعي دوائڻ ۽ ڀاڻ جي بيجا استعمال سبب درياهه ۽ جر جو پاڻي آلوده ۽ زهريلو ٿي ويو آهي. جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ايستائين جو زراعت، صنعتن، گهريلو، چوپائي مال لاءِ ڪيترو پاڻي گهربل آهي ان جا ڪي به انگ اکر موجود نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي صرف زرااعت لاءِ نه پر ٻين مقصدن لاءِ به گهربل آهي، جنهن ۾ صنعتون، بجلي جي پيداوار (پاڻي ۽ ڪوئلي) تي، مڇي جي افزائش ۽ تعميراتي ڪم شامل آهن.  پر ان حوالي سان پاڻي جي منصفاڻي ۽ شفاف ورهاست جو ڪو به نظام موجود نه آهي، جنهن سبب معاشي مسئلا وڌي رهيا آهن. جنڪو نڪائي چيو ته وڌندڙ شهري آبادي سان پاڻي جي دستيابي ۽ ان جي معيار جا مسئلا به وڌي رهيا آهن، سامونڊي پٽي ۾ سمنڊ زمين ڳڙڪائي پيو ۽ موسمياتي تبديلين پڻ پاڻي جي دستيابي تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. سيڊا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ولي محمد نائچ چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب اسان جي معاشي صورتحال توازن وڃائي رهي آهي، ڇو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ سنڌ ۾ رهندڙن جي اڪثريت زراعت ۽ چوپائي مال سان لاڳاپيل آهن. پاڻي جي کوٽ ۽ موسمياتي تبديلين جا سڌا اثر پاڻي ۽ زراعت تي پئجي رهيا آهن، جڏهن ته ڊرينيج جي مناسب رٿابندي نه هئڻ سبب درياهه ۽ ڪينالن جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻي جي پاليسي ۾ سمورن مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن جا مستقل حل ڏنا ويندا ته جيئن سنڌ جي پاڻي جي پاليسي ۾ سمورن صارفين جي راءِ سان گڏ انهن جو حصو به مقرر ڪري پاڻي سان لاڳاپيل سمورن مسئلن کي حل ڪري سگهجي. سيڊا جي جنرل مئنيجر ٽرانزيشن فرزانا سيد چيو ته سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ جي پاليسي جوڙي رهي آهي، ان سلسلي ۾ هي مشاورت ڪئي پئي وڃي ته جيئن پاڻي جي پاليسي ۾ سمورن صارفين جي مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن جي حل کي پالسي ۾ شامل ڪري سگهجي. جنرل مئنيجر ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ محمد احسان لغاري چيو ته پاڻي جي قومي پاليسي منظور ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ان جي تناظر ۾ سمورن صوبن کي پنهنجون پاڻي جون پاليسيون جوريون آهن. سنڌ جي پاڻي جي پاليسي جوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته اها بند ڪمري جي بدران سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي صلاح سان جوڙي پئي وڃي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ سيڊا طرفان سنڌ جي اهم ضلعن لاڙڪاڻو، ٺٽو، ٿرپارڪر، دادو،ڄامشورو، ڪراچي ۽ سکر ۾ مشاورتي ورڪشاپ ڪوٺائي صلاحون ورتيون ويون آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. ورڪشاپ ۾ واساجي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، سماجي تنظيم سافڪو جي چيئرمين سليمان ابڙو سميت زرعي، آبادي جي ڀلائي واري کاتي، آبادگار تنظيمن، ايريا واٽر بورڊ، آبپاشي ۽ سيڊا سميت سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندي پنهنجون صلاحون ڏنيون.