زالن جي نالن تي سپورٽ پروگرام جو وظيفو وٺندڙ ڪامورن پئسا موٽائڻ شروع ڪري ڇڏيا

ميرپورخاص :- غريب مستحق بي سهارا عورتن لاءِ وظيفي مان سنڌ حڪومت جي 9  سرڪاري کاتن جي ڪامورن پاران پنهنجي گهروارين جي نالي لکين روپيا حاصل ڪرڻ جا سنڌ ٽي وي نيوز کي انگ اکر ملي ويا آهن. مليل انگن اکرن موجب بينظير انڪم سپورٽ مان گهروارين جي نالن تي وظيفو حاصل ڪندڙ ڊويزن جا 77 ڪامورا شامل آهن جنهن ۾ 61 تعليم کاتي جا عملدار شامل آهن. ايف آءِ اي پاران معاملي جي جاچ پڙتال بعد ڄاڻايل ڪامورن کي نوٽس جاري ڪرڻ بعد 70 جي لڳ ڀڳ ڪامورن پاران پئسا جمع ڪرايا ويا آهن مليل انگن اکرن موجب پنهنجي گهروارين جي نالي تي وظيفو حاصل  ڪندڙ ڪامورن ۾ گريڊ 19 ۾ زراعت کاتي جو محمد عرس ڪلهوڙو، 19 گريڊ جو سپرنٽينڊنٽ انجنيئر اميد علي، وٽرنري ڊاڪٽر 18 گريڊ جو غلام نبي ڏيرو، هارٽيڪلچر کاتي ۾ 17 گريڊ جو ڪريم بخش، فيلڊ ڪنٽرول 17 گريڊ جو موتيرام، 17 گريڊ مڌر هيلٿ جو ڊاڪٽر ڀرت ڪمار، 17 گريڊ جو ڊاڪٽر جان محمد، 17 گريڊ مٺي جو ڊاڪٽر بشير، 17 گريڊ هيلٿ انسٽيوٽيون جو عبدالغفور، سوشل ويلفيئر کاتي ۾ 17 گريڊ جو ڪيول شامل آهن. تعليم کاتي ۾ 19 گريڊ جو محمد منظور گرگيج، 18 گريڊ جو عطا محمد، 18 گريڊ جو انور علي شاه، 17 گريڊ جو دريا خان، 17 گريڊ جو رحمت الله، 19 گريڊ جو محمد حسن، 19 گريڊ جو عبدالرحيم، 19 گريڊ جو ارباب علي، 19 گريڊ جو صوبدار، 19 گريڊ جو محمد عيسيٰ شهواڻي، 19 گريڊ جو سومر، 19 گريڊ جو ميانداد گرگيج، 19 گريڊ جو محمد اسلم، 19 گريڊ جو عبدالغفور، 19 گريڊ جو حبيب الله، 19 گريڊ جو محمد مانجهي، 19 گريڊ جو حيدر علي، 19 گريڊ جو غلام نبي، 18 گريڊ جو فتح علي، 18 گريڊ جو جلال دين، 18 گريڊ جو احمد خان ، 19 گريڊ جو خير محمد ، 17 گريڊ جو عبدالحليم ، 17 گريڊ جو غلام مصطفيٰ، 17 گريڊ جو سهراب، 17 گريڊ جو عبدالروف، 17 گريڊ جو هنڌ راج، 17 گريڊ جو محمد ابراهيم، 18 گريڊ جو تعليم کاتي جو عملدار پونو مل شامل آهي جڏهن انهن تعليم کاتي جي عملدارن کانسواءِ ٻين کاتن جا عملدار پڻ گهروارين جي نالي  تي وظيفو حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن ايف آئي اي جي نوٽيس بعد بئنڪ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 70 ڪامورن پاران پئسا واپس جمع ڪرايا ويا آهن.