رڳو ڪراچي ڊوميسائيل رکندڙن کي ڊائو يونيورسٽي ۾ داخلا ڇو ملندي؟:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي:- ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ سنڌ جي شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ يونيورسٽي اختيارين کان 28 جنوري تي داخلا پاليسي طلب ڪري ورتي.رپورٽ  موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران  ڊائو يونيورسٽي جي وڪيل ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ صرف ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙن کي داخلا ڏئي سگهون ٿا. شعبو ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، فارميسي ڊي ۾ ڪراچي جا شاگرد ئي داخلا لاءِ اهل آهن. وڪيل ڊائو يونيورسٽي چيو ته هي سينڊيڪيٽ جو فيصلو آهي. عدالت يونيورسٽي اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صرف ڪراچي ڇو؟ سنڌ جي ٻين ضلعن جا ٻار پوءِ ڪيڏانهن ويندا. ڇا سجاول جو ٻار  داخلا وٺڻ جي لاءِ پنجاب، بلوچستان ڪي پي ڪي هليو وڃي.؟عدالت  ڊائو يونيورسٽي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪجهه وقت اڳ بين الصوبائي ٻارن جي درخواست تي اوهان پاڻ چيو هو ته پهريان سنڌ جي ٻارن کي داخلا ڏينداسين. هاڻ چئو ٿا ته نه  اسان صرف ڪراچي وارن کي داخلا ڏينداسين. جنهن تي وڪيل ڊائو يونيورسٽي چيو ته هر ڊويزن جي  ڌار ڌار يونيورسٽي هوندي آهي.عدالت وڪيل ڊائو يونيورسٽي کان پڇاڻو ڪيو ته جڏهن شاگرد هتي داخلا وٺڻ چاهي ٿو ته ميرٽ تي کيس داخلا ڇو نٿو ملي سگهي.؟ جنهن تي وڪيل ڊائو يونيورسٽي چيو ته مون کي ان باري ۾ وڌيڪ خبر ناهي مان پڇي عدالت کي ٻڌائيندس.  جڏهن ته درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته ڊائو يونيورسٽي جي داخلا پاليسي يونيورسٽي ايڪٽ 2004 جي ڀڃڪڙي آهي. اسان کي داخلا لاءِ ٽيسٽ ۾ ويهڻ جي به اجازت ناهي. درخواست ڏيندڙ چيو ته ڪراچي به سنڌ جو حصو آهي. ميرٽ تي داخلا اسان جو حق آهي. ياد رهي ته  مذڪوره درخواست شارقا جان مگسي داخل ڪئي هئي.