ريڊيو پاڪستان جو ناميارو براڊ ڪاسٽر سيد نور اظهر جعفري لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد :- ريڊيو پاڪستان جو ناميارو براڊ ڪاسٽر سيد نور اظهر جعفري ڳچ عرصو بيمار رهڻ بعد 73 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. نور اظهر جعفري 1945ع ۾ ڀارت جي الور رياست ۾ پيدا ٿيو، جتان ورهاڱي بعد هو پنهنجي مائٽن سان حيدرآباد پهتو ۽ انهن ڇوٽڪي گهٽي وٽ بولچند مهل ۾ رهائش اختيار ڪئي. نور اظهر جعفري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انائونسر جي حيثيت ۾ پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي، جتان پوءِ هو پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ 2005ع ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر جي حيثيت ۾ اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان رٽائرڊ ٿيو. پروڊيوسر جي حيثيت ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سميت ڪراچي، خيرپور، خضدار ۽ ٻين اسٽيشنن تان يادگار پروگرام پيش ڪيا.
هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا جي دور ۾ آغا سليم پاران اردو ۾ ترجمو ڪيل شاهه عبدالطيف ڀٽائي جا مڪمل سُر تحط الالفظ ۾ رڪارڊ ڪرايو. هو ان رسالي جي سُرن جي پنهنجي آواز ۾ رڪارڊنگ کي پنهنجي زندگي جو وڏو ڪارنامو سمجهندو هو ۽ جڏهن هن رسالو مڪمل ڪرايو ته ريڊيو جي اسٽوڊيو ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا هئا. سندس تدفين سڀاڻي ظهر نماز کانپوءِ ڪينٽ قبرستان ۾ ٿيندي.