ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جو اڳوڻو ڊائريڪٽر نيوز ۽ سينيئر صحافي جعفر ميمڻ 56 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد : سينيئر صحافي محمد جعفر ميمڻ 56 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڳچ عرصي کان بيمار هو. کيس 2 دفعا اڳ ۾ به دل جو دورو پئجي چڪو هو. ٽيون ڀيرو پيل دل جو دورو سندس زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو ۽ هو سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. محمد جعفر ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. اتان ئي هن تعليم ورتي ۽ 30 سال اڳ حيدرآباد ۾ اچي قيام ڪيو، جتي هو ڪيترن ئي اخبارن ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر جي عهدن تي رهيو. جعفر ميمڻ 4 سال ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جو اڳوڻو ڊائريڪٽر نيوز ۽ پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر پڻ رهيو. هن پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو صحافت کي ارپيو ۽ هڪ متحرڪ صحافي جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو. جعفر ميمڻ قاسم آباد جي واڌو واهه واري علائقي ۾ بسم الله ٽاور ڀرسان رهائش پذير هو. سندس مڙهه لاڙڪاڻي نيو ويو آهي، جتي سومر ڏينهن شاهه بهار ڪالوني جي علائقي ۾ جنازي نماز بعد مڙهه دفنايو ويندو. صحافي جعفر ميمڻ 4 نياڻيون، 3 پٽ محمد معشوق ميمڻ، محمد ظفر ميمڻ ۽ مظفر ميمڻ کانسواءِ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏي آهي. سندس وفات تي صحافين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.