رينجرز حملن بعد ڪارڪن کنڀڻ غيرآئيني عمل آهي: جلال شاهه

گلشن اقبال:- سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، ڪراچي ۾ رينجرز اهلڪارن مٿان ٿيل حملن کانپوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن سميت ٻين بيگناهه قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ۽ کين گم ڪرڻ غير جمهوري ۽ غير آئيني قدم آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هميشه پنهنجو موقف واضع رکيو آهي ته تشدد جي سياست سنڌ جي قومي تحريڪ جي حقن جي حاصلات لاءِ رڪاوٽ رهي آهي. ۽ اسان پنهنجي جماعت جي اندر هميشه اهڙن عملن خلاف واضع موقف رکڻ جي تاڪيد ڪندا رهيا آهيون ۽ ايس يو پي جا ڪارڪن پنهنجي ڪردار ۽ عمل جي ذريعي سنجيده ۽ ذميوار سياسي ڪارڪن طور سڃاتا ويندا آهن. ان جي باوجود به تازن واقعن کانپوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع لاڙڪاڻو جي عهديدارن عاشق جتوئي، توفيق جتوئي، ۽ خالق جتوئي سميت سنڌ اندر ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي بلا جواز کنڀي جبري طور گم ڪيو ويو آهي جيڪو عمل سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي هيسائڻ ۽ سندن آواز دٻائڻ جي سازش آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي قومي جمهوري جماعت آهي جنهن پهرين ڏينهن تي رينجرز مٿان ٿيل حملن جي سخت مذمت ڪئي هئي پر ان سان گڏوگڏ پر امن، بيگناهه سياسي ڪارڪنن جي بلا جواز گرفتاري ۽ کين کنڀي گم ڪرڻ پڻ ناانصافي ۽ ظلم آهي. ان ڪري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مطالبو ٿي ڪري ته بيگناهه سياسي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ قومي تحريڪ جي بيگناهه ڪارڪنن مٿان اڻ اعلانيل آپريشن بند ڪري سنڌ جي اندر احسان محروميءَ کي ختم ڪيو وڃي.