رينجرز جي گاڏي تي ڪريڪر حملو ڪندڙ ٻن شڪي جوابدارن جي تصوير جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي :- سي ٽي ڊي اختيارين گلستان جوهر واري علائقي ۾ رينجرز جي گاڏي تي 10 جون تي ڪريڪر حملو ڪندڙ شڪي ٻن جوادبدارن جي تصوير جاري ڪري ڇڏيون. سي ٽي ڊي ترجمان موجب رينجرز گاڏي تي حملو ڪندڙن جي تصويرون جاري ڪيون آهن. سي ٽي ڊي پنهنجو نمبر جاري ڪندي چيو آهي ته شڪي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪندڙ سندن رابطو ڪري جوابدارن جي گرفتاري ۾ مدد ڪندڙن جو نالو ڳجهه رکي کين انعام ڏنو ويندو.