ريل گاڏي ذريعي منشيات جو بين الصوبائي ڪاروبار، دادو پوليس 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

راڌڻ :- دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ريل گاڏي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ ناڪام بڻائي ورتي، پوليس بولان ٽرين مان 50 لک جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري 8 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. راڌڻ ريلوي اسٽيشن تي دادو، ميهڙ ۽ راڌڻ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ بولان ٽرين جي جهڙتي ورتي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ٽرين مان 50 لک ماليت جي منشيات هٿ ڪئي آهي، جنهن ۾ پان پراگ، گُٽڪو ۽ ٻي منشيات شامل آهي. پوليس موجب منشيات جا پئڪيٽس ٽرين جي سيٽس هيٺان، واش روم ۽ سوئيچ بورڊز ۾ لڪايا ويا هئا، جنهن جي هول سيل حساب سان ماليت اڌ ڪروڙ ٿئي ٿي. پوليس موجب منشيات اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ محمد زبير ميمڻ، امير معاويه، سيف الرحمان، نصير احمد، عبدالبصير، بسم الله، جاويد علي ۽ مزمل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي جوابدار زبير ميمڻ اعتراف ڪيو ته هو ڪيتري عرصي کان منشيات جو بين الصوبائي ڪاروبار ڪندو آهي، مختلف اسٽيشنز تي پوليس ۽ ٽرين عملي کي رشوت ڏيڻ بعد منشيات ٽرين ذريعي اسمگل ڪئي ويندي آهي. ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ بشير جو چوڻ هو ته جاچ ڪري رهيا آهيون ته منشيات جي بين الصوبائي اسمگلنگ پويان ڪهڙو گروهه ملوث آهي.