ريل پٽڙيءَ تان لٿل آهي، پر کاتو حڪومتون ٺهرائڻ ۽ ڊهرائڻ ۾رڌل آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد:-  سُپريم ڪورٽ شيخ رشيد ۽ سيڪريٽري ريلوي کي اڄ طلب ڪندي چيو آهي ته ريلوي کاتو رڳو سياست ۾ پورو آهي، وزير ته پنهنجي وزارت به نٿو سنڀالي سگهي. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ ريلوي کاتي ۾ خساري جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ريلوي جي حوالي سان پيش ٿيل آڊٽ رپورٽ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد، سيڪريٽري ريلوي ۽ سي اي او ريلوي کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي.ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته رپورٽ ۾ واضح ٿيو آهي ته ريلوي کاتي ۾ اربين رُپين جو خسارو آهي، ريلوي جو نظام نه هلي رهيو آهي. ريلوي جو نظام هلي ئي نٿو. چيف جسٽس گلزاد احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته دُنيا بلٽ ٽڙين هلائي اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن کي ريلوي جي وزارت گهربل آهي، اُن کي پاڻ کي پهرين ٽرين ۾ سفر ڪرڻو هوندو آهي. چيف جسٽس ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو نالو کڻڻ کانسواءِ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ريلوي جو سمورو کاتو سياست ۾ رُڌل آهي، روز حڪومتون ٺهرائي ۽ ڊهرائي رهيو آهي. اُهو ته پنهنجي وزارت به نٿو سنڀالي سگهي.چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ٽرين ۾ سفر ڪرڻ وارو هر ماڻهو خطري ۾ سفر ڪندو آهي، نه ريلوي اسٽيشن درست آهي، نه ٽريڪ ۽ نه ئي وري سگنل ٺيڪ آهن، پاڪستان ۾ ريلوي جهڙو ڪرپٽ ڪوبه ادارو نه آهي. اُتي ڪابه شئي صحيح نموني نه هلي رهي آهي، اڄ به اسان پاڪستان ۾ ارڙهين صديءَ جي ٽرين هلائي رهيا آهيون.چيف جسٽس ٻڌڻيءَ دوران پُڇيو ته ٽرين کي جيڪا باهه لڳي هئي، اُن واقعي جو جاڇ ٿيو؟ جنهن تي ريلوي کاتي جي وڪيل چيو ته معاملي جي جاچ ٿي ۽ ٻن ڄڻن خلاف ڪارروائي ٿي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پنهنجي ڪارروائي کي چُلهه ۾ اُڇليو، ريلوي جو سي اي او ڇو پيش نه ٿيو آهي؟ گهرايو سي اي او کي، اُهو ڪٿي آهي؟ بعد ۾ عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.