ريلوي جون پٽڙيون ماڻهن لاءِ موت جون پٽڙيون بڻجي چڪيون آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد چيو آهي ته ريلوي جو نظام اهڙو ناهي جو ٽرين ٽريڪ تي هلي سگهي، ريلوي جو ٽريڪ ماڻهن لاءِ ڊيٿ (موت جو) ٽريڪ بڻجي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ريلوي خساري بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ريلوي وارو سيڪريٽري پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد طرفان کاتي ۾ ڀرتين جي بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته شيخ رشيد چوي ٿو ته ريلوي ۾ هڪ لک ڀرتيون ڪنداسين. چيف جسٽس چيو ته ريلوي وٽ پهرين ئي 77 هزار ملازم آهن، ريلوي واري وزير 1 لک ملازمن کي ڀرتي ڪنداسين؟ هن چيو ته چين کان ايل ايم ون مان ملندڙ پيسو هڪ لک ملازمن ئي کڻي ويندا، ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ملازمن جو انگ گهٽ ڪري 56 هزار تائين آندو وڃي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هڪ لک ملازم ايم ايل ون لاءِ رکيا ويندا، شيخ رشيد کان شايد لفظن جي چونڊ ۾ غلطي ٿي آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريلوي جي معاملن تي سيڪريٽري ريلوي جي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته توهان کان ريلوي نه پئي هلي، ريلوي جي سيڪريٽري، سي اي او ۽ سمورن ڊي ايس کي فارغ ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته ريلوي جو نظام اهڙو ناهي جو ريل ٽريڪ تي هلي سگهي، ريلوي جو ٽريڪ ماڻهن لاءِ ڊيٿ ٽريڪ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ بلٽ ٽرينون هلي رهيون آهن، هتي ايم ايل ون منصوبي تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، ايم ايل ون جي تحت اسٽيشنز کي ڪمرشلائز ڪنداسين، ان تي ريلوي واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته ايم ايل ون ۾ ڪراسنگ نه ٿيندي. ريلوي واري سيڪريٽري ايم ايل ون جي تحت ٽريڪ جي هيٺان انڊر پاس ۽ مٿانهون گذر گاهه بڻائينداسين. بعد ۾ عدالت ريلوي واري سيڪٽري جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ريلوي جي سفرن کي مسافرن کي محفوظ بڻائڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ چيو ته حڪومت فوري قدمن سان يقيني بڻائي ته ريلوي جو سفر عوام لاءِ محفوظ هجي، ايندڙ ڏينهن حادثن سان قيمتي  حياتيون ۽ ريلوي جو نقصان ٿي رهيو، ريلوي کي ڪيئن پيو هلايو وڃي ان مان اندازو هڻي ٿو سگهجي. عدالت چيو ته ريلوي جو انفراسٽريڪچر ڪم جو قابل ناهي رهيو، کاتي جي سمورن شعبن ۾ اوور هالنگ جي ضرورت آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پلاننگ ڊويزن کان ايم ايل ون منصوبي بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي کي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو