ريلوي انتظاميا روهڙي ٽرين ۽ مسافر ڪوچ واري حادثي جو ذميوار ڪوچ ڊرائيور کي قرار ڏنو

سکر :- روهڙي ۾ ٽرين ۽ مسافر ڪوچ حادثي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 20 ٿي ويو، ڪيس داخل، ڪوچ جو ڊرائيور ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، سول اسپتال سکر ۾ سرگودا واسڻ نجما خاتون زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، افسوسناڪ واقعي ۾ فوتين جو انگ 20 ٿي ويو آهي ۽ 26 زخمين جو علاج جاري آهي، ريلوي پاران روهڙي ٿاڻي تي روهڙي ويجهو جاڙو ماءُ کليل ڦاٽڪ وٽ ڪراچي کان پنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جي زد ۾ ايندڙ ڪوچ حادثي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ فريادي ٽرين جو انچارج گارڊ حمزهه علي آهي ۽ بدنصيب ڪوچ جي ڊرائيور کي ذميوار ڄاڻايو ويو آھي. ايف آءِ آر ۾ فوت ٿيل ڪوچ ڊرائيور جي غفلت ۽ لاپرواهي ڄاڻائي وئي آھي، ايف آءِ آر موجب ڪوچ ڊرائيور جي لاپرواهي سبب وڏو جاني نقصان ٿيو، هوڏانهن ريلوي پوليس پاران اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.