ريسٽورنٽ ۾ جِن ڏسي ويٽريس ۽ اسسٽنٽ مينيجر جا ڇرڪ نڪري ويا: مونکي ائين لڳو ته ڪا شئي منهنجي پٺيان گهمي رهي آهي: ويٽريس مولي

لنڊن : انگلينڊ جي شهر يارڪ ۾ واقع هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڪيمرا جن جيان هڪ پراسرار شئي کي قيد ڪري ورتو. جن جنن بابت واقعا ته اڪثر منظر عام تي ايندا رهن ٿا پر حقيقت ۾ گهٽ ماڻهن کي جن نظر ايندا آهن. جن ماڻهن کي جن نظر ايندا آهن اهي يقين ڪندا آهن ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي اڻ ڏٺل شين تي يقين ناهن ڪندا پر اتر انگلينڊ جي شهر يارڪ جي علائقي بوٿيم ۾ واقع هڪ ريسٽورنٽ ۾ جن جي گهڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميديا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ريسٽورنٽ ۾ ميزن جي صفائي ۾ مصروف ويٽر پٺيان هڪ ڇوڪري کي هلندي ڏسي سگهجي ٿو. ريسٽورنٽ جي اسستنٽ مينيجر 32 سالن جي اسمٿ لي ٻڌايو ته مان آچر جي صبح سي سي ٽي وي ڪيمرا جا فوٽيج چيڪ ڪري رهيو هيس ته مان وڊيو ۾ ريسٽورنٽ جي ويٽريس مولي پٺيان هڪ ٻارڙي کي هلندي ڏٺو. اسمٿ دعويٰ ڪئي ته وڊيو ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي ناهي ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته وڊيو ڏسيمولي به ائين ئي ڇرڪجي وئي. بار جي اسسٽنٽ مينيجر ٻڌايو ته ان کان اڳ شراب خاني ۾ آيل گراهڪ به غير معمولي سرگرمين جو اطلاع ڏنو هو جنهن ۾ مٿئين ڪمري ۾ ڪنهن ٻارڙي جي روئڻ جا آواز به شامل آهن. ريسٽورنٽ جي ويٽريس مولي چيو ته هن صفائي دوران پنهنجي پٺيان ڪنهن کي گهمندي محسوس ڪيو جنهن کانپوءِ کيس يقين ٿي ويو ته اهو جن هوندو. اسمٿ جو چوڻ هو ته مان جنن تي يقين نه رکندو آهيان پر هي وڊيو ڏسڻ کانپوءِ مونکي ڪافي حد تائين يقين ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ هو ته گهڻا صارفين اهو چئي رهيا آهن ته هي دري مان آيل روشني جو عڪس آهي سندسن چوڻ آهي ته هي حقيقت ناهي. وڊيو ۾ نظر ايندڙ شئي هڪ ننڍڙي ڇوڪري جيان لڳي رهي آهي. هڪ ٻئي گراهڪ جو چوڻ هو ته مونکي هميشا هي جاءِ ڀوائتي لڳندي هئي.