رياض چانڊيي سميت 15 سئو قومي ڪارڪنن تي بغاوت جو ڪيس داخل

ڪراچي :- جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن خلاف آرٽلي ميدان ٿاڻي تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ مرڪزي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ناياب سرڪش سميت 1500 ڪارڪنن کي شامل ڪيو ويو آهي . ڪيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن ريلي دوران ملڪ خلاف چڙ ڏرائيندڙ نعريٰ هنيا آهن. ڪيس ۾ دهشتگردي جو قلم به شامل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ ڪراچي ڪميٽي خلاف جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سون جي تعداد ۾ ڪارڪنن ڪراچي جي سچل ڳوٺ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي هئي