روهڙي ڀرسان گُم ٿيل نوجوان جو لاش نارا ڪئنال مان هٿ

روهڙي :- روهڙي ڀرسان گُم ٿيل نوجوان جو لاش نارا ڪئنال مان هٿ ڪيو ويو آهي. پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ابيجاڻو پُل وٽ نارا ڪئنال مان لاش هٿ آيو آهي، پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. لاش جي سڃاڻپ آنڀ واسي پرويز ميراڻي طور ٿي آهي. فوتي جي ڀاءُ شڪيل احمد ميراڻي جو چوڻ آهي ته پرويز 6 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گُم ٿي ويو هو، ڳولا باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو.