روهڙي مان هندو نياڻي کي هٿيارن جي زور تي جوابدار اغوا ڪري ويا، 04 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

روهڙي :-  روهڙي مان هندو ناري مبينا طور اغوا چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل. شاھ لطيف چوڪ ڀرسان شاھ اوتارو گهٽي جي رهواسي اندرجيت جي فرياد تي روهڙي تاڻي تي سندس نياڻي رينوڪا جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 4 هٿياربند گهر ۾ گهڙي آيا، هٿيارن جي زور تي رينوڪا کي اغوا ڪري ويا، هٿياربندن مان هڪ کي سڃاتو ويو آهي، جيڪو بابر پٽ امان الله سيالڪوٽ جو رهواسي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد ناري کي بازياب ڪرايو ويندو.