روشن سنڌ پروگرام اندرگهوٻيون, ٺيڪيدارن پلي بارگين ذريعي 22 ڪروڙ 40 لک رُپيا واپس ڪيا

اسلام آباد :- نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جِي چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دروان روشن سنڌ پروگرام، کنڊ اسڪينڊل ۽ ڪُتن جَي چَڪ کان بچاءُ وارِي وئڪسين جَي پروگرام ۾ پلي بارگين ذريعي مليل رقم جا چيڪ چيف سيڪريٽري حوالي ڪيا. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن ۾ روشن سنڌ پروگرام اندرگهوٻيون هنيون ويون، جاچ دوران مختلف ٺيڪيدارن پلي بارگين ذريعي 22 ڪروڙ 40 لک رُپيا واپس ڪيا. کنڊ اسڪينڊل ۾ پلي بارگين ذريعي 10 ارب رُپيا واپس وٺي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا. جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ جوابدارن کان پلي بارگين ذريعي واپس مليل 23 ارب رُپين جو چيڪ به چيف سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا