روسي عملدارن ٽن آمريڪي سفارتڪارن کي ايٽمي آبدوز تيار ڪندڙ بندرگاهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

ماسڪو:- روسي عملدارن ٽن آمريڪي سفارتڪارن کي ايٽمي آبدوز تيار ڪندڙ بندرگاهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. روس جي دفاع جي وزارت مطابق آمريڪي سفارتڪارن آر خان جيسڪ کان ٻي شهر جي دؤري جو ٻڌائي سفر شروع ڪيو پر اهي ڀلجي روس جي شهر سيورو دونسڪ وڃڻ لڳا ته انهن کي روسي عملدار اتي پهچڻ کان اڳ ئي ريل مان لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اهو ميزائلن ۽ ايٽمي هٿيارن جا تجربا ڪندڙ حساس جاءِ آهي. روس جي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي عملدار سرڪاري دؤري تي هئا ۽ انهن روس جي دفاع واري وزارت کي ان کان آگاهه ڪيو هو.