رورل هيلٿ سينٽر جي انچارج پاران سرجيڪل ماسڪ پيڪٽ نه ڏيڻ تان رپورٽر عملو نه هجڻ جي خبر هلائي: ڊسٽرڪٽ مينيجر علي محمد مهر :

حيدرآباد :- هڪ نئين سنڌي ٽي وي چينل جي رپورٽر کي رورل هيلٿ سينٽرجھڏو جي اسٽور انچارج پاران سرجيڪل ماسڪ جوپيڪيٽ نه ڏيڻ تي، اسپتال ۾ ڪنهن به طبي سهولتن نه هجڻ ۽ عملي جي مڪمل طور غير حاضر هجڻ واري خبر هلائي وئي. اهڙو آفيشل وضاحتي خط آرايڇ سي جھڏو انتظاميا پاران هيلٿ ۽ پاپوليشن جي وزارت سميت ڊائريڪٽرجنرل هيلٿ ، ڊي ايڇ او ميرپورخاص ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي لکيو ويو. وڊيو رپورٽ ۾هيلٿ سينٽر جھڏو جي خالي ڪرسين جي وڊيو ڏيکاري اسپتال ۾ ڪنهن به ڊاڪٽر ۽ طبي عملي جي غير موجودگي واري خبر جي جانچ وٺڻ لاءِ آءِ ايڇ ايس ميرپورخاص جي ڊسٽرڪٽ مينيجر علي محمد مهر هيلٿ سينٽر جو هنگامي دورو ڪيو. اسٽاف ۽ لوڪل ماڻهن کان ورتل معلومات کان پوءِ هن ٻڌايو ته اسپتال جو طبي عملو جنهن وقت آپگھات سبب فوت ٿيل هڪ شخص جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۾ مصروف هيو، ان وقت آفيس جي خالي ڪرسين کي عملي جي غير موجودگي جو نالو ڏئي اها خبر هلائي وئي. جڏهن ته پنهنجي ئي خبر جي ابتڙ اسپتال جي اوپي ڊي ۾ موجود ميديڪل آفيسر ۽ ڪووڊ فوڪل پرسن ڊاڪٽر رحيم بخش کان ڄاڻايل رپورٽر ڪورونا مريضن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کي به رپورٽ جو حصو بڻايو آهي. ڊاڪٽر رحيم بخش کيس ٻڌايو ته شهر ۽ آسپاس جي مشتبه 50 کن مريضن جا سيمپل وٺي اهڙي رپورٽ ڊي ايڇ او آفيس ۾ جمع ڪرائي ويندي جيڪا سهيڙجڻ بعد ٻئي ڏينهن کيس ٻڌائي سگھبي. ٽي وي رپورٽر ڊاڪٽر جي ان جواب کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندي ڪورونا جي باري ۾ معلومات نه ڏيڻ سڏيو آهي. ڊاڪٽر علي محمد جو وڌيڪ چوڻ هيو ته جھڏي هيلٿ سينٽر ۾سڀني بنيادي صحت سهولتن سميت 24 ڪلاڪ صبح، شام ۽رات جي ٽنهي شفٽن ۾ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو موجود هوندو آهي. جنهنجو اعتراف مختلف وقتن ۾ ڪمشنر آفيس جي ٽيم جي ڪيل سرپرائيز وزٽ ۾ اڪثر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر مهر جو چوڻ هيو ته ان خبر جو پسمنظر رپورٽر کي سندس فرمائش مطابق سرجيڪل ماسڪ جو پيڪيٽ نه ڏئي سگھڻ هيو، محدود تعداد ۾ پي پي اي اسٽاڪ هجڻ سبب، اهو ڊيوٽي عملي کي ڏيڻ اسانجي پهرين ترجيح آهي.