رهبر ڪميٽي ۾ شامل اپوزيشن پارٽين پاران مولانا جي آزادي مارچ ۾ شرڪت جو فيصلو

اسلام آباد :- آزادي مارچ لاءِ اپوزيشن جي حڪمت عميل طئه ڪرڻ لاءِ رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت کان فوري طورتي استعيفيٰ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ان کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس اربع تي ڪراچي ۾ ٿيندو جنهن ۾ آزادي مارچ سميت ٻين اهم معاملن تي لائحه عمل طئه ڪيو ويندو.

اپوزيشن جي 9 سياسي پارٽين جي رهبر ڪميٽي اهم فيصلا ڪري ورتا جڏهن ته چئن نقطن تي پڻ اتفاق ٿي ويو.

پهريون نقطو وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ ڏئي، ٻيون نقطو حڪومت گهر وڃي، ٽيون نقطو نيون چونڊون ڪرايون وڃن جنهن ۾ فوج جو عمل دخل نه هجي ۽ چوٿون نقطو آئين ۾ موجود اسلامي شقن جو مڪمل دفاع ڪيو وڃي.

رهبر ڪميٽي ۾ شامل سمورين اپوزيشن پارٽين مولانا فضل الرحمان جي 27 آڪٽوبر جي آزادي مارچ ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن به آزادي مارچ ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري جو چوڻ هو ته سڀني جون تياريون به ٿي چڪيون، پر هن وقت حڪمت عملي جي تحت سموريون ڳالهيون نه ٿيون ٻڌائي سگهجن.

ذريعن موجب اپوزيشن پارٽين اهو پڻ طئه ڪري ورتو آهي ته ڪهڙي پارٽي جو ڪهڙو مرڪزي ليڊر آزادي مارچ ۾ ڪهڙي جاءِ کان شريڪ ٿيندو ۽ ڪٿان ڪٿان کان قافلا شامل ٿيندا، مطالبن جي اعلان جو اختيار مولانا فضل الرحمان کي ڏنو ويو آهي.