رهبر ڪميٽي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :- مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن  ته سڄي ملڪ ۾ گڏيل جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ هلائڻ لاءِ مخالف ڌر جي 9 سياسي پارٽين جي 11 ميمبرن تي ٻڌل رهبر ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو.  اسلام آباد ۾ هلندڙ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيل اڳواڻن جا موبائيل فون ڪميٽي روم کان ٻاهر رکرايا ويا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کان اجلاس جي ڪارروائي جي رازداري جو قسم به ورتو ويو آهي. رهبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي صدارت،  حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ سميت ٻين اهم معاملن بابت فيصلا ڪيا ويا.  ڪميٽي ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جا 2، 2 جڏهن ته ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جو هڪ هڪ نمائندو شامل آهي.  رهبر ڪميٽي ۾ پ پ طرفان يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري، ميمبر هئا پر يوسف رضا گيلاني بدران فرحت الله بابر اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فرحت الله بابر سوال ڪيو ته توهان ته ميمبر نه آهيو جنهن تي هن ٻڌايو ته يوسف رضا گيلاني جي جاءِ تي کيس ميمبر بڻايو ويو آهي.  مسلم ليگ ن طرفان شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال رهبر ڪميٽي جو ميمبر آهي جڏهن ته جي يو آءِ ف طرفان اڪرم خان دراني ۽ نيشنل پارٽي طرفان مير حاصل بزنجو ڪميٽي جو ميمبر آهي.  پشتونخوا ملي عوامي پارٽي طرفان عثمان ڪاڪڙ، قومي وطن پارٽي کان هاشم بابر، اي اين پي مان ميان افتخار، مرڪزي جمعيت اهلديث طرفان شفيق پسروري ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان طرفان اويس نوراني رهبر ڪميٽي جا ميمبر آهن. رهبر ڪميٽي فيصلو ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ گڏيل جلسا ڪيا ويندا، 25 جولاءِ تي عام چونڊون مڪمل ٿيڻ تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو جنهن کانپوءِ سمورن صوبن جي مرڪزي شهرن ۾ گڏيل جلسا ٿيندا. رهبر ڪميٽي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف فوري ٺهراءُ آڻڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي تي غور عارضي طور ملتوي ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ ۽ حڪومت مخالف تحريڪ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون پر ڪميٽي جي چيئرمين جي چونڊ نه ٿي سگهي. ن ليگ مستقل ڪنوينر بدران سمورن پارٽين کي واري واري ڪنوينر شپ ڏيڻ جي تجويز ڏني پر اتفاق نه ٿي سگهيو.