رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 25 هين ورسي سادگي سان ملهائي وئي.

ڪراچي:- سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 25 هين ورسي سادگي سان ملهائي وئي.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ تي سندس آخري آرام گاهه سن ۾  مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود ،سيد زين شاهه، روشن علي ٻرڙي، امير علي ٿيٻي، مختيار ميمڻ ،خدا بخش ٿيٻو ،حافظ بخشل ۽ ٻين سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد جلال محمود شاهه چيو سائين جي ايم سيد جو پيغام آفاقي آهي جيڪو سنڌ جي خوشحالي سان گڏ عالمي دنيا لاءِ محبت ۽ پنهنجي وطن سان چاهه جو درس ڏئي ٿو.هن چيو ته سائين جي ايم سيد پهنجي ورثي ۾ ٽه شيون ڇڏيون هڪ ڪردار ٻيو فڪر ۽ ٽيون نظريو.سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سائين جي ايم سيد سموري حياتي عدم تشدد جو پيروڪار رهيو هن هميشه اهو چاهيو ته سنڌ جا ماڻهو خوشحال ٿين ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌندا رهن.هن چيو ته سائين جي ايم سيد هميشه چوندو هو ته سنڌ جا قومي ڪارڪن باعلم ٿين ڇو ته علم کانسواءِ توهان سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحالي ۾ لاڀائتو ڪردار ادا نه ٿا ڪري سگهو ۽ اهو ئي سبب آهي جو ايس يو پي سائين جي ڏنل پيغام کي عملي جامو پهرائيندي پهنجي ڪارڪنن جي ڪردار کي مثالي بڻائڻ لاءِ مختلف وقتن تي اسٽڊي سرڪلز ۽ ليڪچرز پڻ ڪرائيندي رهي ٿي.هن چيو ته ايس يو پي طرفان هلايل سن اسڪول پڻ ان سلسلي جي ئي هڪ ڪڙي آهي.جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ساٿين سوڌو پڻ جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيد جي عدم تشدد واري واٽ ذريعي سنڌ جي نئين تاريخ لکنداسين.مورو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ  پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 25 ورسي جي موقعي تي سادي تقريب منقعد ڪئي وئي،جنهن ۾ ابرار ميمڻ مورائي، دانش ميمڻ، وحيد سولنگي، عامر سولنگي، سجن ڪمار، پاشا ميمڻ، احمد بخش ٻرڙو شرڪت ڪئي جتي سائين جي ايم سيد جون تصويرون رکي کين عقيدت جا گل رکيا ويا سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ ڪيل لازوال جدوجهد ۽ ڏنل قرباني تي سائين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.باڊھه ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران سنڌ جي سرموڙ سياستدان ۽ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 25 هين ورسي ملهائي وئي. باڊهه پريس ڪلب ۾ انتهائي سادگي، عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندڙ تقريب ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ محمد علي خشڪ، ساجد شيخ، آصف عباسي، مرتضيٰ جوڻيجو، اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻين شرڪت ڪري سائين جي ايم سيد جي تصوير آڏو گلن جي ورکا ڪئي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي جسلف جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي خوشحالي، سنڌي قوم جي خودمختياري ۽ آجپي لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ آخري دم تائين ثابت قدم رهندي تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي ويو. هن چيو ته اڄ سندس 25 هين ورسي ڪرونا وائرس سبب انتهائي سادگيءَ سان ملهائي رهيا آهيون ۽ کيس گلن جي ڀيٽا پيش ڪندي ان وچن کي ورجائي رهيا آهيون ته اسين پنهنجي زندگيءَ جي آخري دم تائين سائين جي ايم سيد جي ڏنل درس تي عمل ڪندي پنهنجون سڀ صلاحيتون سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ استعمال ڪنداسين ۽ سنڌ ڌرتي جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪوشان رهنداسين.ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران تقريب منعقد ڪئي وئي. پارٽي سربراھ نواز خان زئور، قادر بخش زئور ۽ حسين سنڌي جي اڳواڻي ۾ ميڻ بتيون ٻاري سيد کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي جئي سنڌ لبرل فرنٽ جي چيئرمن نواز خان زئور چيو ته سنڌ تڏهن بچندي  جڏهن اها سائين جي ايم سيد جي فڪر جي رستي تي وک وڌائيندي۔ سيد سنڌي قوم جي روشن مستقبل جا سپنا ڏٺا، اهي سپنا ضرور ساڀيا ماڻيندا۔ان موقعي تي قادربخش زئور حسين سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ان کانسواءِ حيات پتافي، فريد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ رهبر سنڌ کي خراج پيش ڪيو ويو.