رستن تي ڏکيائيون پيش اينديون پر مان گهٻرائڻ وارو ناهيان : آءِ جي سنڌ

ڪراچي :- آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سندس خلاف سازش ٿي آهي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سندس بدلي ٿي وئي آهي، هو سولاءِ سان وڃڻ وارونه آهي. اهڙو اظهار آءِ جي سنڌ ڪليم امام پنهنجي آفيس ۾ يادگار شهداءَ جي نالي سان تقريب کي خطاب دوران ڪيو. آءِ جي سنڌ چيو ته هن تقريب کي سندس الوداعي تقريب ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، پر هو واضح ڪرڻ گهري ٿو ته هي سندس آخري تقريب ناهي. آءِ جي ڪليم امام چيو ته سندس خلاف سازش ٿي آهي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سندس بدلي ٿي وئي آهي، پر اڃا تائين سندس بدلي ناهي ٿي. هو سولائيءَ سان نه وڃي رهيو آهي ۽ نه ئي وري عهدو ڇڏي رهيو آهي.
تقريب کي خطاب آءِ جي سنڌ چيو ته رستن تي ڏکيائيون پيش اينديون رهيون آهن، پر گهٻرائڻو نه آهي، پوليس رولز ۽ ريگيوليشن تحت ڪم ڪندي آهي ۽ کين حلف تحت هلڻو هوندو آهي.