رحيم يار خان ٽرين کي باهه لڳڻ سبب 73 ڄڻا سڙي فوت ڪيترائي زخمي

رحيم يار خان :- لياقت پور ويجهو گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب تيز گام ايڪسپريس جي بوگين کي  باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي 73 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن جن مان ڪيترن جي ئي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ميڊيا رپورٽ موجب ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي 73 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ريسڪيو هيڊ بهاولپور باقر حسين موجب باهه سبب سڙي ويل بوگين مان هينئر تائين 73 لاشون ڪڍي چڪا آهيون.