راڄوخاناڻي لڳ 7 ٻارن جي ماءُ ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو

راڄوخاناڻي:- راڄوخاناڻي لڳ ڳوٺ بخشو نظاماڻي ۾ 35 ورهين جي شريمتي راڌا زال ڀامون ڪولھي گھرو پريشاني کان تنگ اچي پنهنجي ئي گھر اندر پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڳچي ۾ رسو وجھي ڪمري جي ڇت جي بانس ۾ ٽنگي ڦاھو کائي خود ڪشي ڪري ڇڏي. خودڪشي ڪندڙ ناري 7 ٻارن جي ماءُ هئي. واقعي بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.