راولپنڊي پوليس 45 ڇوڪرين کي اغوا ڪري هنن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو

راولپنڊي :- سٽي ٿاڻي جي پوليس علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شاگرد جي درخواست تي گجر خان تعلقي سان واسطو رکندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو.پوليس اختيارين موجب شاگردياڻي کي 3 آگسٽ تي گورنمينٽ گورڊن ڪاليج راولپنڊي ۾ ورڪشاف ۾ شرڪت کان پوءِ گھر ويندي اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.درخواستگذار جي نشاندهي تي پوليس گلستان ڪالوني ۾ موجود گھر تي ڇاپو هڻي ڇوڪرين کي ريپ جو نشانو بڻائيندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪيو.جوابدارن کي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ جوابدار ڪرن کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪليو ويو جڏهن ته پوليس جوابدار قاسم جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.پوليس ٻڌايو ته جاچ دوران عورت جوابدار ۽ سندس مڙس انڪشاف ڪيو ته هن جي زال ڇوڪرين کي ورغلائي گلستان ڪالوني ۾ موجود ڪرائي جي گھر ۾ وٺي ايندي هئي جتي هو انهن ڇوڪرين کي ريپ جو نشانو بڻائيندو ۽ هن جي زال ويڊيو رڪارڊ ڪندي هئي.سي پي او فيصل رانا ٻڌايو ته جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هنن هن وقت تائين 45 ڇوڪرين کي ريپ جو نشانو بڻائي هنن جون ويڊيو رڪارڊ ڪيون آهن.جوابدارن اهو انڪشاف به ڪيو ته هو ويڊيو ٺاهي عالمي پورن سائيٽ تي ڳري معاوضي عيوض وڪرو ڪندا هئا.پوليس ٻنهي زال مڙس جي قبضي مان هٿ ڪيل موبائل مان ويڊيوز هٿ ڪري ورتيون جڏهن ته اغوا ۽ زيادتي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جوابدارن وٽان 10 واقعن جون ويڊيوز ۽ هزارين تصويرون هٿ ڪيون ۽ واقعي واري هنڌ تي موجود شاهدن کي ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو.سي پي او فيصل رانا فيصل ٻڌايو ته ايس پي راول ڊويزن جي ڊيوٽي لڳائي آهي ته جيتريون ويڊيوز هٿ ٿيو آهن انهن جي والدين کي ڳولهيو وڃي ۽ هر واقعي جو ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي ڌار ڌار چالان ڪرڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي.