راشد محمود سومرو عورتن کي مسلسل ھراسان ڪري رھيو آھي: عرفانا ملاح

حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ عورتن کي هيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ جي لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪندي ڪوڙا الزام لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ مذهبي ڌر پاران ماڻهن کي مڇرائي منهنجي زندگي کي خطرو پيدا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عورت آزادي مارچ دوران به اهڙي قسم جو ماحول پيدا ڪيو ويو.  آئون سمجهان ٿي ته هي ذاتي دشمني وارو رويو آهي. ساجد سومري واري معاملي تي سڄي سنڌ جي اديبن. دانشورن. صحافين ۽ ساڃاهه وندن پاران سوشل ميڊيا تي اسٽيٽس رکيا ويا ته پوءِ صرف مونکي ڇو پيو ٽارگيٽ ڪيو وڃي. هن سڄي مهم جو مقصد اهيو ئي ته سنڌ ۾ ڪا به عورت ٻاهر نڪري ڳالهائي نه سگهي. عورت جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ اجايا ۽ بي بنياد جواز ٺاهيا پيا وڃن. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ  پروفيسر عرفانه ملاح پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته ساجد سومرو سان ڪيترا به اختلاف ڇو نه ھجن ۽ ھن اسانکي ڪيتريون به گاريون ڇو نه ڏنيو ھجن ان جو حساب بعد ۾ صحيح.  پر ھن تي خلاف توھين رسالت جي قانون ھيٺ ايف آءِ آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪيون.مان سنڌ جي باشعور ماڻھن کان مطالبو ٿي ڪيان ته ھن ايف آءِ آر خلاف آواز اٿارڻ ۽ سنڌ حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺندي ، اھڙي ايف آءِ آر واپس وٺرائي . توھين رسالت وارو ڪارو قانون ، انگريزن جي دور کان آيو ۽ ضياءَ جي خوني مارشلا ۾ پينل ڪوڊ جو حصو ٿيو . ھن قانون کي انتقام طور استعمال ڪيو ويو آھي . تنھن ڪري ڪنھن به  طاقتور فرقي،فرد، جي ھٿ ۾ اھڙو قانون نه ھجي جيڪو ھٿيار طور استعمال ٿئي . مذھب جي بنياد تي ماڻھن کي خوف ۽ ھراس ۾ مبتلا ڪري، تنھن ڪري اھڙي ڪنھن به عمل جو حصو نه ڪيو. عرفانه ملاح وڌيڪ پنهنجي فيس بڪ تي لکيو آهي ته ھن مھل ھي ميسيج جي يو آءِ پاران مولانه اعظم جھانگيري ھلايو آھي. مولانا راشد محمود سومرو مسلسل ھڪ سازش تحت عورتن کي ھراسان ڪري رھيو آھي . مان ايس ايس پي حيدرآباد ۽  ڊي آئي جي حيدرآباد کي اپيل ٿي ڪيان ته ھنن خلاف ايڪشن کڻن. ھن بدمعاشي ھو نوٽيس وٺن. شر پسند مولانه کي مان تنبيھ ٿي ڪيان ، اھڙين حرڪتن کان باز اچن ۽ عورتن کي اھڙيون ڌمڪيون .مان ھن مھل وومين ايڪشن فورم وارن سان گڏ ڀٽائي ٿاڻي تي انھن ايف آئي آر ڪرائڻ پئي وڃان . ھنن کي ڪنھن اجازت ڏني آھي جو جنھن کي چاھين ڌمڪائين . ٻئي طرف سنڌ جي اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، اياز گل، تاج جويو، ادل سومرو، رخسانه پريت چنڙ، سيد حسين مُسرت، اصغر سجاڳ، امر اقبال، درمحمد ٻرڙي، ساگر ڏھراج، آزاد انور ڪانڌڙو، نور چاڪراڻي، حليم باغي، حاجي ساند، پريم پتافي، رمضان ميمڻ، ايوب کوسو، بخشل باغي، ستار سندر، سيد اعجاز شاھ، رامچند اوڏ، سجاد ميراڻي، مولابخش محبتي، پارس حميد، گلشير ڪوريجو، غلام رسول غرق، مير حاجن مير، فراق ھاليپوٽو، باري منگي، امين مگسي، مارو جمالي، خليل عارف سومرو، مختيار سھتو، عاجز منگي، انور ساگر ڪانڌڙو، زبير سومرو، ھارون چنا،عيسيٰ ميمڻ، عديل مھر، حاڪم گل، امر کھاوڙ، رحيم داد جوڳي، حاڪم وساڻ، زاھد عباسي، اقرار پيرزادو، ياسر منگي، جسقم اڳواڻ امير آزاد پنهور ۽ ٻين اديبن سنڌ جي ناليواري ليکڪه ڊاڪٽر عرفانه ملاح جي خلاف هڪ مذهبي جماعت پاران ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري اعلان جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ھي سنڌ جي روشن خيال ۽ سيڪيولر روايتن ۽ سنڌ جي باشعور عورتن جي اظھار جي آزادي تي حملو آھي جيڪو سنڌ جا ساڃاھ وند اديب ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.