راشد محمود سومرو جون قادر مگسي ۽ نياز ڪالاڻي سان ڌار ڌار ملاقاتون

حيدرآباد :- جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سربراهه علامه راشد محمود سومرو حيدرآباد پهچي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. راشد محمود سومرو جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان سنڌ ۾ پيدا ٿيل نئين صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ جي يو آءِ جو صوبائي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون به ساڻس گڏ هو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي موجب جي يو آءِ سنڌ جي سربراهه علامه راشد محمود سومرو سياسي صورتحال کان علاوه سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح جي معاملي تي به ڳالهيون ڪيون ۽ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عرفانه ملاح کي ناموس رسالت جي قانون کي ڪارو قانون چوڻ نه گهرجي ها. سندس اهڙي عمل سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي. جي يو آءِ ڊاڪٽر عرفانه ملاح خلاف انتها پسندي جو رويو اختيار نه ڪيو آهي ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ لاءِ مختلف ادارن سان رجوع ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي موجب علامه راشد محمود سومرو اهو به موقف اختيار ڪيو ته جي يو آءِ شخصي طور ڊاڪٽر عرفانه ملاح کي ڪو به نقصان پهچائڻ جو ارادو نٿي رکي. جيڪڏهن ڊاڪٽر عرفانه ملاح کي ان قانون تي ڪو اعتراض آهي ته هو مناسب لفظن ۾ به ان جو اظهار ڪري پئي سگهي. ملاقات دوران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جو ڪو به ماڻهو گستاخي جو سوچي به نٿو سگهي البته قانون ملڪي اسميبلين ٺاهيا آهن جن جي مختلف نقطن تي ماڻهو اعتراض واريندا رهيا آهن. اهي قانون ٺاهيندڙ به انسان ئي آهن ۽ انسانن جي ٺهيل قانونن جي مختلف نقطن تي اعتراض ٿيندا رهندا آهن ان ڪري ڊاڪٽر عرفانه ملاح جي موقف کي به ان نظر سان ڏسڻ گهرجي. سنڌ امن ۽ رواداري جي ڌرتي آهي. ان موقعي تي علامه راشد محمود سومرو اهو به موقف اختيار ڪيو ته پروفيسر ساجد سومرو جي خلاف سندن جماعت ڪيس داخل نه ڪرايو آهي ۽ نه ئي وري ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪو تحرڪ ورتو ويو. ان ڪيس ۾ ٻيون ڌريون ملوث آهن. هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ٿيل ملاقات ۾ راشد محمود سومرو سنڌ جي نوجوان صورتحال سميت ٻين مسئلن تي ڳالهيون ڪيون