دڙو لڳ وحشي ڏيرن هٿان ڀاڄائي قتل: سندس 6 ٻار به مارڻ جي ڪوشش، 3 زخمي

ميرپوربٺورو:- ٻنون پوليس جي حد موالي موري لڳ ڳوٺ حاجي عبدالله مگسي ۾ وحشي ڏير عبدالجبار مگسي پنھنجي ٻئي ڀاء نور حسن مگسي سان گڏجي گھر ۾ عورتن جي معمولي ٿيل جھيڙي تان پنھنجي ڀاڄائي ، 6 ٻارن جي ماء 35 سالن جي حنيفان زال محمد جمن مگسي کي لونڌڙي ۾ ڪارتوسي پستول ھڻي بيدردي سان قتل ڪري سوزوڪي کڻي فرار ٿي رھيو ته لائقپور شھر ۾  رستي تي ويٺل 3 معصوم ٻارن 6 سالن گل حسن ملاح, 5 سالن جي رمضان ملاح ۽ ٻن سالن جي معصوم نياڻي حسينه ملاح مٿان سوزوڪي پڪ اپ چاڙھي فرار ٿي ويو. بيدردي سان قتل ٿيل عورت جو لاش ۽ زخمي ٻارن کي فوري طور تي ڳوٺاڻن دڙو رورل ھيلٿ سينٽر ۾ آندو. جتي عورت ٻنون پوليس جي سخت پھري ۾ عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته ٽن زخمي ٻارن جي حالت نازڪ ھئڻ سبب کين فوري طور تي سول اسپتال ٺٽو نيو ويو آھي. دڙو اسپتال ۾ موجود عورت جي مڙس ۽ پٽن قتل واقعي بابت صحافين کي ٻڌايو ته گھر ۾ موجودعورتن جو پاڻ ۾ معمولي جھيڙو ٿيو. جنھن تان جوابدار تيش ۾ اچي پنھنجي ڀاڄائي کي بيگناھ قتل ڪري فرار ٿيڻ بعد وري 3 ٻارن مٿان سوزوڪي پڪ اپ چاڙھي زخمي ڪيو آھي. عورت جي پٽ اسپتال ۾ اوڇگارون ڏيندي چيو ته ظالم قاتل چاچي امڙ کي بيدردي سان ماري وڏو ظلم ڪيو آھي. ٻئي طرف ٻنون پوليس جي ايس ايڇ او عبدالحفيظ سومرو قتل واقعي جا ابتداعي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ٻن جوابدار ڀائرن عبدالجبار مگسي ۽ نور حسن مگسي ھم صلاح ٿي پنھنجي ڀاڄائي کي گولي ھڻي زخمي ڪيو آھي. ۽ جن مان فوري طور تي جوابدار نورحسن مگسي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. جڏھن ته مک جوابدار عبدالجبار مگسي فرار ٿي ويو آھي. جنھن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھنيا پيا وڃن. کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو. ھن ٻڌايو ته جوابدار عبدالجبار ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ بعد ٽن معصوم ٻارن مٿان پڻ سزوڪي پڪ اپ چاڙھي کين زخمي ڪيو آھي. وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيا ويندا. ھوڏانھن آخري اطلاع تائين وحشي جوابدار کي پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آھي. ۽ نه ئي واقعي جو ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو ويو آھي. مقتولا عورت جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.