ديا مير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جو ٺيڪو پاور چائنا ۽ ايف ڊبليو او حوالي

اسلام آباد :- ديا مير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ معاهدي تي صحيحيون ٿي ويون آهن، ڊيم جي مرڪزي حصي جي اڏاوت لاءِ 442 ارب رپين جو ٺيڪو پاور چائنا ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن (ايف ڊبليو او ( کي گڏيل طور تي ڏنو ويو آهي، آبي وسيلن واري وزارت جي ترجمان موجب معاهدي تي ڀاشاڊيم جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر عامر بشير صحيح ڪئي جڏهن ته پاور چائنا پاران معاهدي تي چيني ڪمپني جي نمائندي صحيح ڪئي