دودي ڀيل جو ٿر: جڳديش آھوجا

هونئن ته ٿر تي بک وگھي موت لامارا ڏيندو هو پر هاڻي “ترقي” ڪري تشدد وسيلي به موت پنهنجا چنبا کوڙي ورتا آهن. اسان جي ڌرتي ۽ وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ وارا چون ٿا ته ڌرتي ڌڻي چور آهن ۽ کين سزا طور نجي مليشيائن هٿان نجي جيلن ۾ واڙي مٿن تشدد ڪيو وڃي ٿو ته توهان مڃو ته توهان چوري ڪئي آهي! سنڌ سرڪار جي سهولتڪاريءَ سان سنڌ ۾ هلندڙ چين پاڪستان منصوبن ۾ اختيارن جا ڌڻي اهي آهن، سهولتڪار سنڌ ۽ پيپلزپارٽي آهي. باقي نصيبن جا ماريل غريب ڌرتي ڌڻي محڪوم رعيت آهن، جنهن کي ڪڏهن بينظير سپورٽ پروگرام ته ڪڏهن احساس پروگرام ۽ ڪڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ قائم ٿيندڙ منصوبن ذريعي نوازشون ٿينديون رهن ٿيون. اها ترقي جڏهن بحريه ٽائون ڪراچيءَ ۾ ٿئي ٿي ته ڌرتيءَ ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي شاندار شهر اڏڻ جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي، جنهن جي ڪوٽوالي مڪمل طور حاڪمن جي هٿ ۾ رهي ٿي ۽ ڌرتيءَ ڌڻي محڪوميءَ جا مزا ماڻڻ لاءِ آزاد رهن ٿا. ڌرتيءَ ڌڻي جڏهن احتجاج ڪن ٿا ته دهشتگرد قرار ڏجن ٿا ۽ جيلن ۾ واڙياُوڃن ٿا ۽ سندن ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلڻ شروع ٿين ٿا.
پر مسڪين ٿري ته ڪو احتجاج به نٿا ڪن. هو ته خيرات ۾ هلندڙ وظيفن ۽ ان جي داڻن تي بہ خاموشيءَ سان گذران ڪن ٿا ۽ جڏهن کين ٿرڪول پروجيڪٽ ۾ ترقي جا خواب ڏيکاري اڀريون سڀريون نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن ته انهن تي به صبر شڪر ڪن ٿا پر هو ته ڌرتيءَ ڌڻين کي انسان ئي نٿا سمجھن، ڇو ته هو حاڪم آهن ۽ ڌرتيءَ ڌڻي محڪوم!. محڪومن جا ڪهڙا حق!؟ انهن کي ته آواز اٿارڻ جو به حق ناهي. محڪومن جو آواز اٿارڻ به حاڪمن جي نظر ۾ دهشتگردي آهي. ان آواز، ان گوڙ شور ۽ احتجاج ۾ سندن ننڊ ۽ آرام ڦٽيو وڃي. آخر محڪومن کي ڪهڙو حق ٿو پهچي ته هو حاڪمن جي ننڊ، آرام ۾ خلل وجھن ۽ سندن ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجن!!.
6 جون تي بحريه ٽائون ڪراچيءَ جي طرفان سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي ڳوٺن تي هلان خلاف ڌرڻو هڻندڙ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو قافلو 4 جولاءِ تي جڏهن ٿر جي حدن ۾ داخل ٿيو ته دودي ڀيل سان انصاف جي چيخ و پڪار صدين جي صدا بڻجي ٿر جي صحرائن، شهرن ۽ وستين ۾ گونجي رهي هئي. آخر هن غريب ڀيل اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو، جو مٿس تسدد ڪري کيس بي موت ماريو ويو. ٻڌايو ويو ته ٿرڪول پروجيڪٽ ۾ ٽن مزدورن کي چوريءَ جي الزام ۾ جھلي پوليس حوالي ڪرڻ بدران ٿرڪول انتطاميه سيڪيورٽي جي نالي ۾ قائم ڪيل پنهنجي نجي مليشيا جي حوالي ڪيو، جنهن پڇا ڳاڇا لاءِ کين پنهنجي نجي جيل ۾ واڙي مٿن ايڏو ته تشدد ڪيو جو انهن مان هڪ مزدور دودو ڀيل زخمن جي سٽ نه سهي مري ويو!.
الائي ڇا هو دودي ڀيل جي روح ۾ جو صدين کان ستل ٿر جاڳي پيو!. شايد صدين جا سور هئا، جن جا پُور هئا دودي جي روح ۽ جسم ۾. دودي جو نانءَ به ڪجھه اهڙو هو، جو ٿر ته ڇا سڄي سنڌ جا زخم تاريخ جو سينو چيري اُٿي پيا. تاريخ ڄڻ ته هڪ ڀيرو وري پاڻ ورجايو هجي. ڪالهه چنيسر خلجيءَ کي سنڌ تي ڪاهي آيو هو ۽ اڄ زرداري پنجابي ملڪ ۽ چيني خلجي سنڌ تي ڪاهي آيو آهي. اڄ سڄي سنڌ ۾ ترقي جي منصوبن جي آڙ ۾ سيڪيورٽي مليشيائون جوڙي رياست اندر رياستون جوڙيون ويون آهن، جتي ڪنهن به ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون جوا حترام ڪونهي بس حاڪمن جي مرضي ۽ منشا ئي قانون بڻيل آهي. اهي مڪمل طور تي رياست کان الڳ رياستون آهن، جتي سندن مرضيءَ بنا پکي پر به نٿو هلائي سگھي. ترقي ۽ سيڪيورٽي جي نالي ۾ هتي مڪمل طور دهشت جو راڄ آهي. ها، اوهين آزاد آهيو پر فقط ايترا جيترو هڪ غلام، هڪ محڪوم، هڪ حڪم جو بندو!. ان کان اڳيان جي اوهان ٿوري به گستاخي ڪئي، ٿوري به حد پار ڪئي، ٿوري به پنهنجي مرضي هلائي ته ڏسو اسان دودو ڀيل ۽ سندس ٻن ساٿين جو ڪهڙو حشر ڪيو!!. هو اسان کي بار بار سبق سيکارين ٿا، بابا، ڏاها ٿيو، بغاوت نه ڪيو، بغاوت ته ڇا احتجاج به نه ڪيو!!
جڏهن احتجاج بلند ٿين ٿا ته هو اسان کي حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ چون ٿا ته هي ٽڪي جا ماڻهو ٽڪي ۾ وڪامجي ويندا. پوءِ هو ٽجوڙين مان ڪجھه ڳوٿريون ڪڍن ٿا ۽ ڪي کليل ۽ ڪي ڳجھي طرح استعمال ڪن ٿا. پر هاڻي هو ٿورو حيران پريشان آهن ته سندن رشوت جون ڳوٿريون اهو ڪمال نٿيون ڏيکاري سگھن، جنهن تي هو هريل آهن. هنن کي ته ڪروڙن جا اشتهار به ڪم نٿا اچن، بلڪه اشتهار وٺندڙ به ششدر ٿيو وڃن، هو هن ڀيري ڪجھه وڌيڪ پريشان ٿي وڃن ٿا ته هي غربت جي ماريل غلامن کي ڇا ٿيو آهي، جو اسان جا آڇيل موتي داڻا به قبولڻ کان قاصر ٿي ويا آهن!!
6 جون کانپوءِ جي سنڌ، سنڌ يونيورسٽي ۽ دودي ڀيل جو ٿر اڄ نينهن جا نوان نظارا نروار ڪري رهيا آهن. مفاهمت ۽ مفاهت جي نالي ۾ بزدلي ۽ سوديبازيءَ جو زهر جيڪو مسلسل ٻارهن سالن کان آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي رڳن ۾ داخل ڪندا رهيا آهن، اڄ سنڌ ان کي ٿوڪاري رهي آهي ۽ سنڌ جي دراوڙن ۽ دودي جي وارثن مزاحمت جو علم بلند ڪري ورتو آهي. هنن دودي جي ٿر جي ڪهڙي ڀينگ ڪئي آهي، تنهن لاءِ وڪي پيڊيا تي رکيل انگ اکر به آئينو آهن:
سنڌ هند ۾ ڦهليل ٿر دنيا جو 20هون وڏو صحرا جيڪو ٻه لک چورس ڪلوميٽرن (77000 چورس ميلن تي ڦهليل آهي. هي دنيا جو نائون گرم ترين صحرا آهي، جنهن جو 58 سيڪڙو انڊيا ۽ 15 سيڪڙو پاڪستان ۾ آهي. ٿر جي صحرا جو 60 سيڪڙو هندستان جي رياست راجسٿان ۾ واقع آهي ۽ ڪجھه حصو گجرات، اوڀر پنجاب ۽ هريانا ۾ آهي. پاڪستان ۾ جيڪو حصو آهي اهو سنڌ ۾ ٿر ۽ پنجاب ۾ چولستان سڏجي ٿو.
ٿرپارڪر سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي پر انساني ترقيءَ جي انڊيڪس (Human Development Index HDI) ۾ اهو سنڌ جو سڀ کان پوئتي پيل ضلعو آهي. ٿرپارڪر جي ايراضي 19638 چورس ڪلوميٽر (7582 چورس ميل) ۽ آبادي 2017ع جي آدمشماريءَ مطابق ساڍا سورهن لک آهي. پاڪستان جي سڀني ضلعن جي سروي رپورٽ مطابق 2013ع ۾ ٿر 114 مان 103 تي هو، جڏهن ته 2017ع جي سروري رپورٽ مطابق اتي انساني ترقي جي رفتار اڃان گھٽجي وئي ۽ ٿر جي رينڪ 114 مان 109 نمبر تي پهتي، يعني 114 مان پنجين نمبر تي پوئتي پيل ضلعو، ۽ ياد رهي ته هن عرصي ۾ پيپلزپارٽي اقتدار تي براجمان رهي آهي. اقوام متحده جي ملٽي ڊائمينشنل پاورٽي انڊڪيس يعني غربت جي فهرست مطابق ٿرپارڪر جي 87 سيڪڙو آبادي غربت جي زندگي گھاري رهي آهي ۽ ٻارن جي موت جي شرح به اتي سڀ کان وڌيڪ آهي. ٿر جي ان غربت جو سبب غلامي آهي، جنهن خلاف اڄ ٿر جا ڀيل اٿي پيا آهن ۽ سڄو ٿر. سڄي سنڌ ساڻن ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺي آهي.
دودي ڀيل جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ اسلام ڪوٽ ۾ سراپا احتجاج بڻيل ڀيل برادري ۽ سندن هڏڏوکين جي ڪئمپ تي 4 ۽ 5 جولاءِ جي رات جو پوليس ايئن ڪڙڪي پئي جيئن 6 جون تي بحريه آڏو سراپا احتجاج بڻيل سنڌ تي ڪڙڪي هئي. ساڳي لٺ هئي ساڳيا مٿا هئا. ساڳيا حاڪم هئا، ساڳيا محڪوم هئا: ملڪ، خلجي ۽ ڌرتيءَ ڌڻي.
چون ٿا ته سنڌ جا سڀ کان قديمي رهواسي ٿر جا ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ وغيره آهن. موهن جي دڙي جي سهڻي ۽ ٿر جي سهڻيءَ جا هار سينگار ۽ ويس وڳا به ساڳيا آهن، پر هڪڙو وڏو فرق آهي. موهن جي دڙي جي سهڻي آزاد ديس جي ڌرتيءَ ڌڻي ۽ راڄ ڌياڻي هئي ۽ اسان جي ٿرياڻي ڌرتيءَ ڌڪاڻي آهي، غربت ۽ غلاميءَ جي ماريل آهي، پر اڄ هن ڌرتيءَ جي لٺ هٿ ۾ کڻي ورتي آهي ۽ جي هن ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکيو ۽ هيڻو هانءُ نه ڪيو ته پوءِ پڪ ڄاڻو آزادي هنن جو مقدر بڻجي ويندي. ڪالهه به هن مڌر ممتا سان ماءُ ديوي بڻجي سنڌ ۾ تهذيب جي آبياري ڪئي هئي ۽ اڄ به ان جي تخم ۾ اها صلاحيت، اها سگھه، اُها ممتا موجود آهي، جيڪا سڄي ٿر، سڄي سنڌ، سڄي انسانيت کي پيار جي تهذيب سان، امن جي تهذيب سان، ممتا جي تهذيب سان منور ڪري سگھي ٿي.