دعا منگيءَ جو ڀنگ مسجد ۾ ادا ڪيو ويو، پوليس جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام،حارث سومري جي حالت نه سڌري

ڪراچي :-  ڪراچي پوليس دعا منگيءَ جي اغوا واري معاملي بابت نئون کل جوڳو انڪشاف ڪري ڇڏيو،پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته دعا کي اغوا ڪندڙ ڏوهارين سان 3 ڏينهن اڳ سندن مقابلو ٿيو هو. پوليس ذريعن موجب ڊفينس جي خيابان بخاري مان دعا منگي کي اغوا ڪندڙ جوابدارن سان 3 ڏينهن اڳ عزيز ڀٽي ٿاڻي جي پوليس جو مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا جڏهن ته هڪ جوابدار جي زخمي ٿيڻ جا به امڪان آهن. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب 3 ڏينهن اڳ ٻُٽ ٻڌل جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار ارسلان ۽ فيصل زخمي ٿيا هئا.پوليس ذريعن موجب دعا جي اغوا واردات ۾ فيروزآباد مان ڦر ڪيل ڪار استعمال ڪئي وئي هئي،جنهن گاڏي تي جعلي نمبر پليٽ لڳائي وئي هئي.ذريعن موجب ڀنگ جي رقم ڏکڻ زون ۾ هڪ مسجد وٽ دا ڪئي وئي، وارثن ڀنگ ڏيڻ بابت پوليس کي آگاهه نه ڪيو هو. پوليس موجب عزيز ڀٽي پوليس سان مقابلو ڪندڙ جوابدارن پاران هلايل گولي جو خول حارث سومرو تي هلايل گوليءَ سان ميچ ٿي ويو آهي، مقابلي واري جاءِ تان مليل گولين جا خول فارينزڪ رپورٽ لاءِ موڪليا ويا هئا، جن جي رپورٽ اچي وئي آهي. فارينزڪ رپورٽ موجب گوليءَ جو خول دعا منگي جي اغوا وقت هٿياربندن هٿان حارث سومرو تي هلايل گولي سان ميچ ٿي ويو آهي،جنهن بعد اها پڪ ٿي وئي ته عزيز ڀٽي ۾ جن هٿياربندن سان مقابلو ٿيو هو، انهن ئي دعا منگي کي اغوا ڪيو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊفينس واري علائقي مان ناليواري ليکڪ اعجاز منگيءَ جي ڀاڻيجي دعا منگيءَ کي اڻڄاتل هٿياربند اغوا ڪري ساڻس گڏ موجود دوست حارث سومري کي گولي هڻي فرار ٿي ويا هئا. زخمي نوجوان حارث سومري جي حالت لاڳيتو ڳڻتيءَ جوڳي آهي ۽ هو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.